وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومت سازي جا ٿيل معاهدا

تحرير؛علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ عام چونڊن بعد وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومت سازي  وارو معاملو يقينن سموري ملڪ جي عوام ۽  دنيا جهان ۾ گفتگو ۽ بحثن جو موضوع بڻيل رهيو ۽ مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻن تي ٻڌل وفدن ۾ ڳالهين جا پنج دور مڪمل ٿيڻ بعد اتحاد ۽ شراڪت اقتدار جي طي ڪيل نقطن ۽ جي اعلي قيادت کان منظوري بعد فيصلن  ٻنهي ڌرين جي اعلي قيادت طرفان اعلان آڏو آيو آهي، ميان شهباز شريف جي قيادت ۾ مسلم ليگ جي وفد ميان نواز شريف سان ڪوهه مري ريسٽ هائوس ۾ پنهنجي قيادت سان معاملن جو نبيرو ڪرڻ واريون ڳالهيون طي ڪري ورتيون آهن.

وفاق ۽ صوبن ۾ شراڪت اقتدار ۽ حڪومت سازي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي سان اتحاد جي نقطن تي اتفاق ٿيڻ بعد  21 فيبروري جي رات دير سان ميان شهباز شريف  جي قيادت ۾ مسلم ليگ ن جو وفد زرداري هائوس اسلام آباد پهتو جتي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان گڏجاڻي ۽ اتفاق راءِ ٿيڻ بعد ٻنهي ڌرين جي اڳواڻن طرفان ڪيل پريس ۽ ميڊيا ڪانفرنس ۾ٻنهي ڌرين ۾ اتحاد ۽ اتفاق ۽ مفاهمت ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو . فيصلي موجب ٻنهي ڌرين طرفان  صدر مملڪت جي عهدي جو مشترڪه اميدوار آصف علي زرداري ۽ وزير اعظم ميان شهباز شريف  نامزد ٿيڻ وارا اعلان ڪيا ويا. پر اڃا تائين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي وفاقي حڪومت ۾ شموليت وارو فيصلو سامهون نه آيو آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي وچ ۾ مذاڪراتي ڪاميٽين طرفان ڳالهين جي هلايل پنج دورن بابت پڻ اڃا تائين کليل نموني ڪا وضاحت پيش نه ڪئي وئي آهي پر  اندر جي خبرن موجب  پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميمبرن طرفان ميان شهباز شريف کي وزير اعظم چونڊائڻ لاءِ پنهنجا ووٽ ضرور ڏنا ويندا پر  هي جماعت  في الحال وفاقي حڪومت ۾ شامل نه ٿيندي پر  ملڪ جي آئيني عهدن جنهن ۾ صدر مملڪت، چيئرمين سينيٽ لاءِ ترتيب واري صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين سينيٽ سيد يوسف رضا گيلاني جي چونڊ،پنجاب ۾ مسلم ليگ ن جي حڪومت ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جون حڪومتون قائم ٿيڻ ۽ انهن صوبن ۾ ٻنهي جماعتن جي وزير اعلي جي چونڊن ۽ حلف برداري ۽ حڪومتون قائم ٿيڻ بعد پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جا گورنر مقرر ٿيندا، جڏهن ته بلوچستان ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ ن جا نامزد ڪيل گورنر پنهنجن عهدن جو قسم کڻندا. اتحاد ۽ اشتراڪ عمل جي انهي پهرين مرحلي جي خير۽ خوبيءَ سان  مڪمل ٿيڻ بعد ٻئي مرحلي ۾ وفاق ۽ صوبن ۾ اتحادي حڪومتن ۾ توسيع ۽ شراڪت اقتدار جي فارمولي تي ٻئي مرحلي ۾پڻ ڳالهين جا ڪيترائي دور هلڻ بعد هڪٻئيءَ تي جيئن جيئن اعتماد بحال ٿيندو ويندو ۽ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي حالتن جو دٻاء جهڙي ريت سامهون ايندو ويندو ته ان موجب اهو اتحاد يا اتحادي ڌرين ۾ روزمره جي بنياد تي مسئلن ۽ معاملن جي نبيري لاءِ فيصلا ضرور ڪيا ويندا پر تيستائين ٻئي ڌريون هڪٻئي سان اتحاد م رهڻ جي باوجود حڪومت سازي ۾هڪ ٻئي کان پري رهنديون ۽ ٻنهي وچ ۾ هڪ مفاصلو برقرار رکيو ويندو.

ملڪ ۾  عام چونڊن واري مهم ۾ يقينن ڪجهه سياسي جماعتن طرفان پنهنجي عوام جي فلاح بهبود جي بجاءِ هڪٻئي خلاف وڌ ۾ وڌ نفرتون پکيڙڻ، انتقام وٺڻ ۽ ملڪ ۽ رياست جي ادارن خلاف مهم جوئي ڪرڻ وارا ڪم پڻ ڪيا ويا آهن جنهن ڪري ملڪ جي ساڍا 8 ڪروڙ ووٽرن جو هڪ وڏو حصو ان قسم جي مهم جي اثر ۾ پڻ رهيو ۽ گذريل حڪومتن ۽انهن کي هلائيندڙ ۽ پاليسي ساز جماعتن جي ڪارڪردگي کي جانچڻ بجاءِ  مهنگائي، بيروزگاري، ناانصافي ۽ لاقانونيت کان تنگ ٿي پنهنجي ڪاوڙ جو پڻ وڌ ۾ وڌ اظهار ڪيو ۽ جنهن جماعت يا ان جي اميدوارن طرفان پنهنجي سياسي مهم ۾ جنهن ڌر سڀ کان وڌيڪ شعلا بيانيون ڪيون يا نفرتن واري گولا باري ڪئي ته  عوام ۽ ووٽرن  پڻ انهن تي توجه ڏني، خاص طور تي ملڪ جي 65 سيڪڙو نوجوانن جي هڪ وڏي تعداد جي ووٽن سان ملڪ جي روائتي سياست ۽ سياسي ڌرين جي چونڊ ۾ واضح طور تي پيدا ٿيل فرق  پڻ نظر آيو. هنن چونڊن جي نتيجن  سان پيدا ٿيل سياسي وايو منڊل موجب ڪنهن به هڪ جماعت کي اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ لاءِ اڪثريت ملي نه سگهي آهي ۽ تنهن ڪري ڪي به ٻه وڏيون جماعتون پاڻ ۾ اتحاد ڪري ئي حڪومتون ٺاهڻ تي مجبور ٿي ويون ۽ اهڙي ريت، طبيعت جي ملاپ ۽ هڪٻئي سان ڪيل تجربن ۽  گذريل پارليامينٽ ۾ ادا ڪيل ڪردار ۽ جوڙيل  پي ڊي ايم حڪومت واري تڪراري ڪارڪردگي  کي سامهون رکن بعد پاڪستان پيپلز پارٽي جي پهرين ڪوشش اها هئي ته پاڪستان تحريڪ انصاف سان گڏجي حڪومت ٺاهجي پر هن ڌر جي پريشان حالي ۽ منتشر ذهنن ۽ غير سياسي روئين  ڪري پي ٽي آء سان ڳالهيون شروع نه ٿي سگهيون جنهن ڪري حالتن جي مجبوري ۽ ملڪ جي نظام کي ڪنهن رخ تي هلائڻ لاءِ هڪ ڀيرو وري پي ڊي ايم واري تجربي کي ٿوري گهڻي فرق سان وري  قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي پر هن نئين حڪومت سازي مان پي ڊي ايم جو صدر مولانا فضل الرحمان بلڪل ٻاهر آهي.

اسانجي ملڪ  جي 76 سالن واري  سياسي تاريخ  يقينن تمام گهڻي ڏکن ، آزمائشن ۽ تمام ٿورڙو عرصو خوشين، فلاح  ۽ سڌارن وارا موقعا ملي سگهيا آهن خاص طور تي ملڪ جي تاريخ جو 50 سالن وارو وڏو عرصو آمريت واري مختلف دورن جو شڪار رهڻ ڪري ملڪ ڪيترائي ڀيرا جنگين ۽ وڏين تباهين جو شڪار ٿيندو رهيو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ جمهوري ۽ پارلياماني سرشتو ٽيهه سالن کان به گهٽ مدت رهيو آهي وري انهن جمهوري ۽ پارلياماني دورن جو به وڏو حصو خاص حڪومتن ۽ لاڏلن جي حوالي رهيو آهي ۽ انهن لاڏلن ۽ ملڪ مٿان ٿاڦيل حڪومتن جا نتيجا پڻ ملڪ ۽ عوام لاءِ اڪثر هاڃيڪار ئي رهيا آهن.

بهرحال  ملڪ ۾فيبروري 2024ع  واري ٿيل چونڊن  واري مهم ۾ ٽن جماعتن جا ٽي چونڊ نعرا  وزير اعظم نواز شريف، وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري يا وزير اعظم عمران خان گهڻو اڀريل رهيا. جنهن ۾ بلاول ڀٽو جي چونڊ مهم جو مرڪزي نقطو ميان نواز شريف کي وزير اعظم ٿيڻ کان روڪڻ ۽ تحريڪ انصاف وارن جو نعرو عمران خان جي چونڊ ۽ ٻيهر وزير اعظم ڪرڻ واري چونڊ مهم جي مڪمل ٿيڻ ۽ چونڊن کانپوءِ آيل نتيجن موجب ميان نواز شريف ۽ عمران خان وزير اعظم طور مسترد آهن جڏهن ته شهباز شريف مسلم ليگ نواز جي چارج مڪمل طور تي پاڻ حاصل ڪرڻ بعد وزير اعظم ٿيڻ وڃي رهيو آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري طرفان پنهنجي والد ۽ پارٽي جي شريڪ چيئرمين کي صدر مملڪت بڻائڻ واري ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي ۽ ان کان علاوه سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پنهنجيون حڪومتون ۽ پنجاب جي گورنر هائوس ۾ جيالو گورنر مقرر ڪرائي هڪ لحاظ کان پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جي سيٽن جي وڌندڙ تعداد ۽ مقبوليت اڳيان مسلم ليگ ن ۽ ميان نواز شريف طرفان ٻڌل بند پڻ ٽوڙڻ ۾ غيرمعمولي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.

ملڪ ۾ ٿيل هنن عام چونڊن  جي نتيجن ۽ ڪاميابين جو ٿلهي ليکي جيڪڏهن  جائزو وٺجي ٿو ته سڀ کان وڌيڪ سياسي نقصان مسلم ليگ ن ۽ ميان نواز شريف جي سياست کي پهتو اهي ۽ ان بعد پاڪستان تحريڪ انصاف ۽عمران خان جو ٿيو آهي. جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي سڀ کان وڌيڪ سوڀن وارا نتيجا مليا آهن. سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن ۾ پڻ حوصلا افزاء  اضافو ٿيو آهي. جڏهن ته سمورن صوبن ۾ ساڄي ڌر جي مذهبي جماعتن، قوم پرست جماعتن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي.

اهڙي ريت سنڌ صوبي ۾ کاٻي ڌر پاڪستان پيپلز پارٽي گذريل دور کان به وڌيڪ سيٽون کڻي هڪ نئيون رڪارڊ قائم ڪيو آهي . جڏهن ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي سياست جو لڳ ڀڳ صفايو ٿي ويو آهي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم کي من سلوا يا تحفي طور مليل قومي اسيمبلي جون 17 سيٽون ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ 24 سيٽون ملڻ تي ڌڻي پاڻ به حيران ۽ پريشان اهن ۽ انهن جي فارم 45 جي شروع ٿيل ڇند ڇاڻ بعد ئي خبر پوندي ته ايم ڪيو ايم کي تحفي ۾ يا صدقي جي صورت ۾ مليل سيٽون دراصل ڪنهن جو حق غصب ڪيل مال آهي. ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن يقينن متحرڪ آهي  ۽ هنن ادارن مان اميد ڪري سگهجي ٿي ته مختلف ڌرين جي چوري ڪيل سيٽن ۽ چورايل نتيجن جا پيرا کڻي چونڊ چورن  جي ڳچين ۾ ضرور ڇهه وال وڌا ويندا ۽ حقدارن کي پنهنجا حق ۽ ڦريل سيٽون ضرور موٽائي ڏنيون وينديون.

 

مادري ٻولي کي ايتري ته اهميت مليل آهي جو هر سال فيبروري جي 21 تاريخ تي اقوام متحده پاران نيئن ٿيم هيٺ مادري ٻولي جو عالمي ڏينھن ڪري ملھايو ويندو آھي. يونيسڪو پاران هن ڏينهن کي 17 نومبر 1999ع تي ٻولي جي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل ان بنگالي شاگردن کي ڀيٽاطور ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. بنگالي شاگرد 21 فيبروري 1952ع تي پنهنجي ماءُ ٻولي کي پنهنجي اهميت ڏيارڻ لاءِ ڀرپور تحريڪ جو حصو ورتو، جنهن دوران ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج تي پوليس ۽ فوج گوليون وسائڻ سبب شاگرد شهيد ٿي ويا هئا. ياد رهي ته پنهنجي ٻولي تان قربان ٿيل بنگالي شاگردن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ يونيسڪو ان ڏينهن کي ”ماءُ ٻولين“ جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو. هاڻي دنيا جون قومون هن ڏينهن کي ڀرپور طريقي سان ملهائين ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.