خبردار! تيزابيت کي نظرانداز نه ڪريو

معدي جي جلن، تيزابيت يا ايسڊٽي هاضمي جي نظام جي خرابي جا سڀ کان عام سببن مان هڪ آهي، جنهن کي گھڻا ماڻهو منهن ڏيندا آهن جنهن ۾ هر عمر جا ماڻهو شامل آهن.
اها بيماري ٻڌڻ ۾ ته معمولي مسئلو لڳي ٿي پر جيڪو شخص ان کي منهن ڏئي پيو ان لاءِ اهو گھڻي تڪليف ڏيندڙ ۽ بي چيني جو سبب بڻجي ٿي.
اها ڳالهه ذهڻ ۾ رکي ڇڏيو ته لاڳيتو پيٽ سڙڻ کي نظرانداز نه ڪريو نه ته ان جا سنگين نتيجا نڪري سگھن ٿا.
ان حوالي سان ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته تيزابيت جي وڌندڙ ڪيسن لاءِ خراب طرز زندگي ۽ ناقص خوراڪ اهم سبب آهن جنهن ۾ عمر ڪا به قيد نه آهي، پر ڪجهه حالتن ۾ تيزابيت سنگين اثرن جو سبب يا بيماري جي علامت بڻجي ويندي آهي.
تيزابيت يا ايسڊٽي عام مسئلو آهي جنهن ۾ مختلف سبب خاص طور تي کائڻ پيئڻ جي عادتن ۽ طرز زندگي بابت خرابي سبب کاڌو هضم ڪندڙ تيزابيت هاضمي جي نظام ۾ ضرورت کان وڌيڪ مقدار ۾ ٺهڻ لڳندي آهي.
گھڻا ماڻهو ايلوپيٿڪ، يوناني دوائن جي استعمال سان يا تيزابيت کان ڇوٽڪاري واري قدرتي خوارڪ يا جڙيون ٻوٽيون کائيندا آهن پر ڊاڪٽرن جو مڃڻ آهي ته جيڪڏهن تيزابيت ڊگھي عرصي تائين برقرار رهي ۽ اوهان کي ضرورت کان وڌيڪ پريشان ڪندر لڳي ته ان کي عام مسئلو سمجهي نظرانداز نه ڪرڻ گھرجي.
احتياطي بدبيرون:
اهو ياد رکو ته کائڻ پيئڻ ۽ طرز زندگي بابت ڪجهه اهڙيون عادتون اختيار ڪرڻ سان عام تيزابيت ۽ لاڳيتو تيزابيت جي مسئلي کان ڇوٽڪارو ملي سگھي ٿو، جن مان ڪجهه هيٺ بيان ڪجن ٿيون.
کائڻ پيئڻ ۽ سمهڻ جي وقت ۽ مقدار جو تعين ڪريو، جهڙوڪ نيرن، منجهند جو کاڌو ۽ رات جو کاڌو رڳو مقرر تي ئي کائو، هر کاڌي جي وچ ۾ وقفو رکو، کائڻ کان پوءِ تقريبن ٻن ڪلاڪن کان پوءِ سمهو، رات جو وقت تي ننڊ ڪريو ۽ گھٽ ۾ گھٽ 7 کان 8 ڪلاڪ ننڊ ڪريو.
شراب پيئڻ ۽ سگريٽ ڇڪڻ کان پاسو ڪريو، اهڙن کاڌن کان به پاسو ڪريو يا گھٽ کائو جيڪي تيزابيت کي وڌائين ٿا جهڙوڪ کٽي شيءِ، مصالحيدار ۽ ڳريون غذائون، سبزي کانسواءِ کاڌو، ڪاربوهائڊريٽڊ شربت، ڪيفين سان ڀرپور شربت، وڌيڪ سڻڀ ۽ تيل وارو کاڌو وغيرا.

ڪوشش ڪريو ته تازي، جلد هضم ٿيندڙ، فائبر ۽ ٻي غذائيت سان ڀرپور خوراڪ کائڻ معمول جو حصو بڻايو.
جن ماڻهن کي تيزابيت جو مسئلو گھڻو رهي ٿو اُهي هڪ ئي وقت گھڻو کاڌو کائڻ بدران هڪ ڏينهن 4 يا 5 ڀيرا ٿورو ٿورو ڪري کائين.
واضح رهي ته هر کاڌي جي وچ ۾ ٻن کان ٽن ڪلاڪن جو وقفو هجڻ گھرجي، ان کانسواءِ ماڻهن کي گھرجي ته اُهي ڊاڪٽر جي هدايتن ۽ ان جي تجويزن ۽ ٻين احتياطي تدبيرن تي عمل ڪن.
وزن ڪنٽرول ۾ رکن، ڇڪتاڻ کان بچن، خالي پيٽ نه رهن، ضروري مقدار ۾ پاڻي جو باقاعدگي سان استعمال ڪن.
ڊاڪٽر جي مشوري کان سواءِ پاڻ يا ڪنهن جي مشوري تي ڪا به دوا نه وٺن ڇو جو ڪجهه دوائون تيزابيت وڌائڻ جو سبب بڻجي سگھن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.