پ پ ۽ ن ليگ ۾ ڳالهيون اڄ تائين ملتوي،آصف زرداري ۽ نوازشريف ۾ ملاقات جو امڪان

اسلام آباد(م ڊ) مرڪز ۽ صوبن ۾ حڪومت سازي لاءِ پ پ، ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جون سرگرميون جاري آهن، پاڪستان مسلم ليگ ن جو قائد نواز شريف مري ۾ سياسي ويهڪ ڪري صلاح مشورا ڪري رهيو آهي، ذريعن ٻڌايو ته نوازشريف مري پنهنجي رهائشگاهه تي پهچي ويو آهي، 24 ڪلاڪن اندر ن ليگ جي اهم سياسي شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو.جڏهن ته نواز شريف جي اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان به اهم ملاقات جو امڪان آهي، جنهن دوران ن ليگ ۽ پ پ پاران جوڙيل رابطا ڪميٽي اڄ پنهنجي رپورٽ تيار ڪندي.پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ اڄ حتمي ڳالهيون ٿيڻ جو  امڪان آهي، ٻنهي پارٽين وچ ۾ صلاح مشوري جو پنجون دور جاري آهي ۽ ٻنهي پارٽين جي اعليٰ قيادت پاران حڪومت ٺاهڻ جو حتمي اعلان اڄ ٿيڻ جو امڪان آهي. ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم جي وفد به ن ليگ سان ڳالهيون ڪيون، پ پ ۽ ن  ليگ ۾ ڳالهيون جاري آهن ،اعظم نذير تارڙ چيو ته اڄ وري پ پ ۽ ن ليگ ۾ ڳالهيون ٿينديون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.