ٽي ۽ ٻه سال وزيراعظم وارو فارمولو رد،آمريت خلاف مزاحمت ڪنداسين: بلاول

ٺٽو/مڪلي(رپورٽ: منصور جلالاڻي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي ته جيڪي اسان وٽ ووٽ گهرڻ آيا آهن انهن کان وزارتون نه وٺنداسين، عوام جو فائدو ڏسنداسين، جڏهن ته صدارتي اليڪشن ۾ آصف علي زرداري اسان جو اميدوار هوندو اليڪشن اسلام آباد جي ڪرسي تي ويهڻ لاءِ نه پر عوام لاءِ وڙهي، ملڪ ۾ معاشي ۽ جمهوري بحران آهي،  معاشري ۾ ورهائڻ جي سياست پئي ٿئي، معاشي بحران تاريخي سطح تي پهچي چڪو آهي، ٻين پارٽين کي به عوام جي تڪليف بابت سوچڻ گهرجي ها، ھي واحد اليڪشن آھي جنھن ۾ هارائيندڙ به احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ کٽندڙ به احتجاج ڪري رهيا آھن، مڪلي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته صورتحال اها رهي ته ملڪ اڳتي ڪيئن هلندو. ھن چيو ته  چونڊون اهڙيون ٿيون آهن جو سڀ سياسي جماعتون احتجاج ڪري رهيون آهن، اليڪشن جي نتيجن موجب مان وزيراعظم جو حقدار ناهيان، پيپلز پارٽي وفاق کي بچائڻ چاهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته  پيپلز پارٽي فيصلو ڪيو ته پاڪستان کپي جو نعرو لڳائڻو آهي، نظر اچي رهيو آهي ته پاڪستان سڙي رهيو آهي ۽ چئني صوبن ۾ باھ لڳل آهي، پ پ فيصلو ڪيو آهي ته باهه وسائڻي آهي ۽ پاڪستان کپي جو نعرو لڳائڻو آهي، جيڪڏهن اسان به احتجاج شروع ڪيو ته ملڪ ۽ وفاق جو نقصان ٿيندو، پيپلز پارٽي جي اميدوارن جون شڪايتون مناسب قانوني فورم تي کڻي وينداسين، لاڳاپيل فورم تان انصاف نه مليو ته پوءِ عوام سان گڏجي احتجاج ڪنداسين، 18 مهينا ميان صاحب سان حڪومت ۾ ترقياتي منصوبن جا واعدا پورا نه ٿيا، چيو ويو پهريان 3 سال حڪومت اسان کي ڏيو ۽ آخري 2 سال اوهان سنڀاليو، مان انڪار ڪيو ته ايئن وزيراعظم نه ٿيندس مونکي عوام وزيراعظم بڻائيندو، اسان وٽ ايتري اڪثريت نه هئي جو پاڻ کي وزيراعظم جي اميدوار طور پيش ڪيان، وفاق ۽ جمهوريت کي خطرو ٿيو ته ڪارڪنن کي نڪرڻ جي ڪال ڏينداسين. ھن چيو ته  اسان خان صاحب کي به سمجھائڻ جو ڪوشش ڪئي ته  جمھوريت کي. مضبوط ڪريو، پارليامينٽ ۾ اچي پنھنجو ڪردار ادا ڪريو، اڄ به سندس جماعت غير سنجيدہ آھي، ھُو چون ٿا اليڪشن کٽي چڪا آھن ۽ جيڪي ھنن جون سيٽون آھن پر پ پ پ جي سپورٽ کانسواءِ حڪومت نٿا ٺاھي سگھن، اسان وٽ جيڪي آيا آھن اسان انھن سان گڏ ويھڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ھن چيو ته  هڪ صاحب چئي رهيو آهي ته لاڙڪاڻي مان هو ڪامياب ٿيو آهي ۽ اسان هارايو آهي چيو ويو ته کين ڌانڌلي ذريعي هارايو ويو، پر کيس ٻڌائڻ چاھيان ٿو ته  تنھنجي والد کي  به منھنجي والدہ شڪست ڏيندي ھئي، اوھان کي به2 ڀيرا مون شڪست ڏني آھي جيڪڏهن فارم 45 آهي ته کڻي اچو، اھو ڪھڙو مذاق آھي ھڪڙي پاسي مولانا ٿو سڏرائي ۽ ٻئي پاسي پير ٻڌي ڪوڙ ٿا ھڻو. ھن چيو ته  ٻئي طرف پير صاحب پاڳارو آھي، جيڪو چوي پيو ته  کيس ڌانڌلي ذريعي ھارايو ويو آھي، آئون اوھان جي عزت ۽ احترام ڪندو آھيان پر حقيقت اھا آھي ته  اوھان ھر ڀيري اسان کان شڪستون کائيندا رھيا آھيو، اوھان جي والد کي منھنجي والدہ به شڪست ڏني آھي، ڪا ھڪ اھڙي اليڪشن ٻڌايو جنھن ۾ پير صاحب ڪاميابي حاصل ڪئي ھجي،پير صاحب ڪڏهن ڪڏهن مريدن کي زيارت ڪرائڻ لاءِ نڪرندو آهي،پير صاحب ۽ مولانا صاحب ثبوت آڻين، سيٽ ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان،پير ۽ مولانا صاحب مقابلو ڪن،هن چيو ته 1977ع ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سڀني کي ياد آهي، سموريون سياسي پارٽيون پنهنجو نه ملڪ ۽ قوم جو سوچين، وفاق ۽ جمهوريت کي خطرو ٿيو ته ڪارڪنن کي گهران نڪرڻ جي ڪال ڏيندس،ملڪ ۾ آمراڻو نطام آڻڻ جي مزاحمت ڪنداسين جشن فتح تقريب ۾ اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙو، اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو، پ پ پ ضلعي صدر ٺٽو ۽ ايم اين اي صادق علي ميمڻ، ايم اين اي اياز علي شاھ شيرازي، ايم پي ايز علي حسن زرداري، رياض حسين شاھ شيرازي، محمد علي ملڪاڻي، شاھ حسين شاھ شيرازي، اڳوڻي ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي چيئرمين غلام قادر پليجو، پ پ پ اڳواڻن سيد شفقت حسين شاھ شيرازي، عاشق حسين زرداري ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.