نصيرآباد(رپورٽ: بشيراحمد بروهي) نصيرآباد ۾ شهيد ٿيل استاد ۽ قومپرست ڪارڪن هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ وارثن ۾ ڳالھيون ناڪام رپورٽ موجب چار ڏينھن اڳ نصيرآباد ٿاڻي جي سامھون نور احمد تونيو ڪارخاني واري گھٽيءَ ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻن نامعلوم هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل استاد ۽ قومپرست ڪارڪن هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين سخت نعريبازي ڪندا قاضي پيٽرول پمپ لڳ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ويھي رھيا ۽ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ڌرڻي واري هنڌ شھر ۽ آس پاس جي علائقن جا سوين ماڻھو شريڪ ٿيا ۽ روڊ جي ٻنھي طرفن کان سوين گاڏيون بيھجي ويون، مقتول جي نياڻين سورٺ لوهار، سسئي لوهار پٽ سارنگ لوهار ۽ ٻين چيو ته هدايت لوهار هڪ نوڪري پيشه ۽ پرامن شريف انسان هو جنھن کي ظالمن سرعام قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، اسان جي ڌرڻي جو هڪ ئي مطالبو آهي ته فوري طور تي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪري ملوث رهزنن قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي، سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ قاتل چڱي طرح ظاهر آهن ۽ پوليس ان واقعي کان چڱي طرح واقف آهي جن لاءِ قاتل پڪڙڻ ڪو مسئلو ناهي پر هو ڄاڻي واڻي مسئلي کي وڌائڻ چاهن ٿا ھوڏانھن ڌرڻي واري هنڌ پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي هئي جڏهن تہ ان دوران ايس ايس پي لاڙڪاڻو عبدالرحيم شيرازي ڌرڻي ۾ ويٺل مقتول جي نياڻين سورٺ لوهار، سسئي لوهار پٽ سارنگ لوهار ناياب سرڪش۽ ٻين سان ڳالھيون ڪري 3 ڏينھن جي مھلت گھري ورتي پر کين اهو چئي مھلت کان کتو جواب ڏنو ويو تہ جيستائين اسان جي والد جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيندي تيستائين ڌرڻو ختم نه ڪنداسين ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو جون ڌرڻي تي ويٺلن سان ڳالھيون ناڪام ٿي ويون ھوڏانھن خبر لکڻ تائين انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو جاري هيو. هوڏانهن ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستاني اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي سياسي ڪارڪن ۽ استاد هدايت الله لوهار جي قتل جي آزاد، غيرجانبدار ۽ ترت جاچ ڪرائي وڃي ۽ جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته سنڌي پورهيت جو قتل پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڪارڪنن لاءِ سنگين خطرن کي اجاگر ڪري ٿو،استاد هدايت لوهر کي 2017ع ۾ جبري گم ڪيو ويو ۽ ٻن سالن بعد مئي 2019ع ۾ بازياب ڪرايو ٿيو.
هدايت لوهار جي قتل خلاف حيدرآباد ۾ احتجاج
حيدرآباد(رپورٽر) نصيرآباد ۾ بيدردي سان قتل ڪيل قومپرست اڳواڻ ۽ استاد هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري ۽ وارثن جي مرضي موجب آيف آءِ آر داخل نه ٿيڻ خلاف سنڌ سجاڳي فورم ۽ ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان(ايڇ آر سي پي) پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري ۾ انساني حقن جي اڳواڻن، وڪيلن ۽ قومپرست ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊئي ڳالهائيندي چيو ته هدايت لوهار پڙهيو لکيو پرامن سياسي ڪارڪن هو، جنهن کي 2015ع ۾ کنڀي لڳاتار ٻه سال گم رکيو ويو، ان جي آزادي لاءِ سندس نياڻيون سورٺ لوهار ۽ سسي لوهار روڊن رستن تي جدوجهد ڪنديون رهيون، ٻنهي نياڻين جي جدوجهد جي نتيجي ۾ هدايت لوهار کي آزاد ڪيو ويو، پر ٿورو عرصو گذرڻ کانپوءِ هدايت لوهار کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، اڄ وري اهي نياڻيون روڊن تي اچي پيءُ جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ايف آئي آر داخل ڪرائڻ جي لاءِ احتجاج ڪري رهيون آهن، هي ظلم ۽ جبر جي انتهائي ڀيانڪ صورتحال آهي. نامياري دانشور پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته هدايت لوهار جو قتل ان ڳالهه کي چٽو ڪري رهيو آهي ته پنهنجي قوم جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ تي ڪيڏي وڏي سزا ملي ٿي، هدايت لوهار قومي فڪر سان سلهاڙيل هڪ استاد هو، جبر ۽ ڏاڍ جي ذريعي ڪنهن کي خاموش نٿو ڪرائي سگهجي، هدايت لوهار جون نياڻيون اڄ احتجاج ڪري رهيون آهن، انهن کي هر صورت ۾ انصاف ٿو گهرجي، فريادين جي فرياد موجب آيف آئي آر داخل نه ٿيڻ آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي. سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري چيو ته هن ملڪ جي آئين ۽ قانون موجب هدايت لوهار جي قتل جي ايف آئي آر وارثن جي فرياد تي ڪٽي وڃي، دنيا ۾ اهو ڪٿي به ناهي ته وارثن جي هوندي قتل جي ايف آئي آر سرڪار يا ان جو ڪو ادارو پنهنجي مدعيت ۾ ڪٽرائي، فرياد اهو ئي ڪري سگهي ٿو جنهن سان ظلم ٿيو هجي يا هو متاثر هجي، آئين جو آرٽيڪل 9 اهو واضح ڪري ٿو ته مقتول جا وارث جنهن کي به چاهين ايف آئي آر ۾ نامزد ڪري سگهن ٿا، ان ڪري هدايت لوهار جي قتل جي ايف آئي آر وارثن جي مرضي موجب ڪٽي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ان موقعي تي جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) جي مرڪزي اڳواڻ عبدالفتاح چنا، سليم جروار، ايڊوڪيٽ اندرجيت لوهاڻو، غفرانه آرائين، حميرا آريسر، اعزاز لغاري، امجد علي رند ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته هدايت لوهار کي قتل ڪندڙ جوابدارن جي سي سي ٽي وي فوٽيج به اچي چڪي آهي، پر تنهن هوندي به اهي جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، بيگناهه قتل ٿيندڙ ماڻهن جا وارث پنهنجي مرضي موجب ايف آئي آر داخل نٿا ڪرائي سگهن، ايف آئي آر ڪٽرائڻ جي لاءِ انهن کي پنهنجن پيارن جا لاش روڊن تي رکي احتجاج ڪرڻا ٿا پون. هنن چيو ته قومي حقن حقن جي ڳالهه ڪرڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي، هدايت لوهار پرامن قومي ڪارڪن هو، سندس نياڻيون اڄ روڊن تي ويٺل آهن، پر انصاف ڏيڻ بدران انهن کي احتجاج ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، پوليس جا وڏا اٽالا گڏ ڪري نياڻين کي حراسان ڪيو پيو وڃي.
سوشل ميڊيا تي هدايت لوهار جي شهادت واقعي تي باهه ٻريل
ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سوشل ميڊيا تي شهيد هدايت لوهار جي قتل واقعي تي ردعمل جاري آهي، سنڌ واسي هن واقعي تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيا آهن، قتل واقعي جي مذمت سان گڏ جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، ٽوئيٽر تي خانزادي ڪپري لکيو ته جنھن ڌيءَ پنھنجي پيءُ جي خون ناحق سان انصاف جي لاءِ پنھنجي مٿي جي پوتي کي سندرو بڻائي چيلھه سان ٻڌي ڇڏيو ھجي ان ڌيءَ کي دنيا جي ڪا به طاقت جھڪائي ڊيڄاري خوفزدا نه ٿي ڪري سگھي.خالد حسين لکيو ته ھي تاريخي جنازوآھي.ڌيئرون پنھنجي شھيد پيءُ جي جنازي کي ڪلھو پيون ڏين. ھي بھادرنياڻيون ھڪ نئين تاريخ لکي رھيون آھن.ھن کان وڌيڪ مظلوميت جو تصور به آھي ڇا؟ ڌيئرون پنھنجي شھيد پيءُ جي لاش کي ڪلھو ڏين، ماءُ پنھنجي شھيد پٽ کي پاڻ قبر ۾لاھي، اھا ريت صرف سنڌ ۾ئي ڏٺي وئي