ڪمشنر جي پريس ڪانفرنس کان اڳ پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا ٽيم سرگرم،صحافين سان رابطا

لاهور(عوامي آواز نيوز)پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا ٽيم جي واٽس ايپ گروپ ۾ ٿيل ڳالھه ٻول منظر عام تي اچي وئي آھي جنھن سان  ملڪ جي خلاف ٿيندڙ ھڪ سازش کي وائکو ڪيو ويو آھي. خبر موجب ۾ مقيم پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم جي اڳواڻ ڊاڪٽر ارسلان خالد واٽس ايپ گروپ ۾ ميسيج ڪري سوشل ٽيم ورڪرن کي آگاھه ڪندو رھيو ته ڪمشنر راولپنڊي پريس ڪانفرنس ڪرڻ لاءِ گھر مان نڪري چڪو آھي، جيڪو پنڊي اسٽيڊيم پھچندو ۽ اوھان حامد مير عمران رياض چوڌري غلام حسين صابر شاڪر شھزاد اقبال ڪاشف ڀائي سميت ٻين صحافين کي اطلاع ڪيو ته جيئن اھي پريس ڪانفرنس جي ڪوريج لاءِ پھچن، ۽ ان سان گڏ کين ھدايتون پڻ جاري ڪندو رھيو ته اوھان سوشل ميڊيا ذريعي فوج کي بدنام ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪريو. سينيئر صحافي معظم فخر چيو ته گروپ ۾ ميسيج شيئر کان ڪجھه دير کان پوءِ حامد مير پڻ سوشل ميڊيا تي ان قسم جو اسٽيٽس رکيو، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ان ڊرامي ۾ ڪير ڪير ملوث آھي.

نوٽ: هيءِ خبر روزاني عوامي آواز سومر 19 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.