خيرپور مان تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا هٿ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ڊويلپمينٽ ڪمپني (او جي ڊي سي ايل) موجب سنڌ مان تيل ۽ گئس دريافت ٿي آهي.
او جي ڊي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جي ضلعي خيرپور مان گئس دريافت ٿي آهي.
پڌرائي موجب، خيروويل ون جي 3762 ميٽر تائين کوٽائي ڪئي وئي جتان 1 ڪروڙ 43 لک معڪب فٽ گئس حاصل ٿيندي جڏهن ته 93 بيرل روز جي حساب سان ڪچو تيل به دريافت ٿيو آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ به او جي ڊي سي ايل سنڌ جي ضلعي ٽنڊو الهيار جي درس ويسٽ کوهه نمبر 2 مان تيل ۽ گئس جي وڏا ذخيرا دريافت ڪيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.