راولپنڊي جي 6 ڊي آر اوز اڳوڻي ڪمشنر جَي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي طرفان چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن واري معاملي تي جاچ ڪميٽي ڪم شروع ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن جي اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي اڳوڻي ڪمنشر لياقت علي چٺا جي الزامن تي جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ڪميٽي پريس ڪانفرنس جي ٽرانسڪرپٽ لاءِ پيمرا کي خط لکي ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته راولپنڊي ڊويزن جي 6 ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسرن لکت ۾ بيان جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسرن اڳوڻي ڪمشنر لياقت علي چٺا طرفان مڙهيل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، راولپنڊي ڊويزن مان قومي اسيمبلي جي 13 تڪن جي آر اوز جا بيان به قلمبند ڪيا ويندا، ان کانسواءِ ڪميٽي صوبائي اسيمبلي جي 26 تڪن جي ريٽرننگ آفيسرن جا بيان پڻ قلمبند ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.