اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف طرفان وزارت عظميٰ جي اميدوار عمر ايوب چيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ نتيجن ۾ تبديلي تي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمر ايوب چيو ته عوام اسان کي ووٽ ڏنو، اسان عوام جا ٿورائتا آهيون، چونڊن ۾ 180 سيٽون اسان کٽيون آهن، جيڪي اسان کي ملڻ گهرجن، پنجاب ۽ ڪراچي ۾ اسان کان سيٽون کسيون ويون، ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم اسان جون 18 سيٽون چوري ڪيون، جڏهن ته پشاور ۾ به اسان کي 7 کان 8 سيٽن تي هارايو ويو. سندس موجب راولپنڊي جي ڪمشنر چيو ته 50 کان 60 هزار ٺپا لڳايا ويا، کٽيل اميدوارن کي هارايو ويو، اسان مطالبو ٿا ڪيون ته ڪمشنر لياقت چٺا جي الزامن جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، اسان چيف جسٽس کان استعيفيٰ جو مطالبو نٿا ڪيون پر جن جن جو نالو اڳوڻي ڪمشنر کنيو، اهي پاڻ انڪوائري کان الڳ ٿي وڃن. هن چيو ته وزيراعظم لاءِ ڪاميابي اسان جي ٿيندي، مرڪز ۽ پنجاب ۾ به تحريڪ انصاف حڪومت ٺاهيندي، کٽڻ کانپوءِ اسان جو ارادو آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي آزاد ڪرائينداسين.