پورٽ قاسم جا 117 ارب ڊي ايڇ اي ناهن ڏنا: علي زيدي

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ اڳوڻي وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته ڊي ايڇ اي فيز 8 لاءِ پورٽ قاسم کان 690 ايڪڙ زمين ليز تي ورتي وئي آهي، مان جڏهن سروي آف پاڪستان کان ان جي ميپنگ ڪرائي ته اها 2300 ايڪڙن تائين پهچي وئي، هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ پورٽ ۽ شپنگ واري وزارت جي اڳوڻي وزير چيو ته 600 ايڪڙن جو رينٽ ڀريو ويو آهي، آڊيٽر جنرل ڪميٽي جي ميٽنگ ۾ اسان جو ڪلاس وٺي ڇڏيو مون چيو ته اسان جي ڪهڙي غلطي آهي؟ انهن چيو ته توهان 113 يا 117 ارب رپين جو جي ايڇ ڪيو ۾  اي جي پي آفيس ۾ ڪليم موڪليو،مون هٿ ٻڌي چيو ته مان ته نه پيو موڪليان، هن چيو ته مون جنرل باجوا کي چيو ته هي 113 ارب رپين جو بل پيو آهي توهان لاءِ ،هن جواب ڏنو ته ان تي ڪڏهن ڳالهائينداسين، معاملو ٽاريو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.