وڊيوز ٺاهڻ جي شوقين زال مڙس پاران موبائيل فون کسڻ تي آپگهات ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڇتيس ڳڙهه ۾ وڊيوز ۽ ريلز ٺاهڻ جي شوقين شادي شدهه عورت مڙس پاران موبائيل فون کسڻ تي مايوس ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب رچنا ساهو سڄو ڏينهن ڪلاڪن جا ڪلاڪ موبائيل فون تي وڊيوز ۽ ريلز ٺاهيندي هئي، تازو ئي رچنا جي مڙس ڀوپيندر ڪاوڙ ۾ اچي هن کان موبائيل فون کسي ورتي جنهن کان پوءِ عورت ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، جوڙي کي 5 سالن جي هڪ ڌيءَ به آهي، پوليس جي پهچڻ کان اڳ گھرڀاتي عورت جو ٽنگيل لاش نيٺ لاهي چڪا هئا جنهن کان پوءِ پوليس لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب شروعاتي طور تي رچنا جي آپگهات جو سبب موبائيل فون کسڻ معلوم ٿيو آهي، جاچ دوران ڀوپيندر پوليس کي ٻڌايو ته هوءَ ٽائلز تي ڪم ڪندو آهي، رچنا سان هن جي شادي کي 6 سال ٿي چڪا آهن ۽ کين پنجن ورهين جي ڌيءَ آهي.
ڀوپيندڙ پوليس کي ٻڌايو ته رچنا سڄو ڏينهن پنهنجي موبائيل فون ۾ مصروف رهندي هئي، گھر جي ڪمن ۽ ٻارن جي سار سنڀال کي به نظرانداز ڪرڻ لڳي هئي، رچنا جو سڄو وقت وڊيوز ٺاهڻ ۽ سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪرڻ ۾ گذرندو هو، ڪيترائي ڀيرا کيس موبائيل جو گھٽ استعمال ڪرڻ جو به چيو، جڏهن رچنا ٻڌڻ کان انڪار ڪيو ته ڪاوڙ ۾ اچي هن کان موبائيل فون کسي جنهن کان پوءِ رچنا ڌيءَ کي ڪمري ۾ بند ڪري پاڻ ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.