زبردستي شادي، ساهرن ننهن سوڌو سندس خاندان کي قتل ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ زبردستي جي شادي جي سهري ننهن سوڌو سندس پيءُ ۽ ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو ڀارتي رياست بهار جي ڳوٺ بشنوپورآهوڪ ۾ پيش آيو جتي 2 سال اڳ 25 ورهين جي نيلو ڪماري جي شادي ڪرائي وئي هئي جنهن سان ملڻ سندس پيءُ، ڀاءُ ۽ ڀيڻ آيل هئا.
ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ننهن جي مائٽن جي اچڻ تي سندس سهرو ڪاوڙجي پيو ۽ هن ننهن سميت سندس پيءُ ۽ ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽس موجب ڳوٺ وارن پاران پوليس کي ٻڌايو ويو ته اه پڪادوا شادي يعني زبردستي جي شادي هئي جنهن ۾ مردن کي اغوا ڪري سندن مرضي جي خلاف شادي ڪئي ويندي آهي ۽ اهو ئي سبب هو جو 2 سالن کان پوءِ جڏهن نيلو ڪماري جا گھروارا هن سان ملڻ لاءِ آيا ته ساهرن کيس پيءُ سان وڃڻ جي اجازت نه ڏني ۽ فائرنگ شروع ڪري ڏني.
ميڊيا رپورٽس موجب جوابدار فائرنگ ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويو جنهن جي ڳولا لاءِ پوليس پاران ڇاپا هنيا پيا وڃن جڏهن ته جوابدارن جي خلاف ايف آءِ آر به داخل ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.