ايران: نوجوان پيءُ ۽ ڀاءُ سوڌو 12 گھرڀاتين کي قتل ڪري ڇڏيو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صوبي ڪرمان ۾ 30 ورهين جي هٿياربند شخص گھريلو تڪرار سبب فائرنگ ڪري پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ سوڌو 12 مائٽن کي قتل ڪري ڇڏيو.
ايران جي انصاف کاتي جي سربراهه ابراهيم حميدي ميڊيا کي ٻڌايو ته ايراني صوبي ڪرمان جي ڏکڻ اوڀر واري ڳوٺ ۾ گھريلو تڪرار سبب حملو ڪندڙ پنهنجي پيءُ، ڀاءُ ۽ ٻين مائٽن تي فائرنگ ڪري ڏني.
ميڊيا جي رپورٽن موجب حملو ڪندڙ ڪلاشنڪوف جو استعمال ڪندي پنهنجي مائٽن کي قتل ڪيو سندس گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.
مقامي ميڊيا موجب ايران جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ اهڙي قسم جا حملا عام ڳالهه آهن پر ان حملي جي نوعيت سنگين ۽ مقتولن جو انگ وڌيڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.