ايران ٿوري وقت ۾ ميزائيل سسٽم تباهه ڪندڙ دفاعي نظام متعارف ڪرائي ڇڏيو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران نوان ميزائيل ۽ هوائي دفاعي نظام متعارف ڪرائي ڇڏيو.
ايراني ميڊيا موجب ايراني بچاءَ واري وزير برگيڊيئر جنرل محمد رضا قرائي آشتياني ٻڌايو ته ارمان ۽ آزرخش ميزائيل سسٽم ايران جي بچاءَ واري وزارت جي ماهرن تيار ڪيا آهن.
هن چيو ته ارمان اينٽي بيلسٽڪ ميزائيل سسٽم وچولي رينج جو هڪ مڪمل ٽيڪٽيڪل سسٽم آهي، اينٽي بيلسٽڪ ميزائيل سسٽم ارمان هڪ ئي وقت 6 هدفن کي 180 ملوميٽرن پري کان نشانو بڻائي سگھي ٿو.
بچاءَ واري وزير ٻڌايو ته هوائي دفاعي نظام آزرخش 50 ڪلوميٽرز تائين 4 ميزائيل هڪ ئي وقت فائر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو جيڪو 180 ڪلوميٽر پري کان هدف جي نشاندهي ڪري سگھي ٿو ۽ 120 ڪلوميٽر جي رينج ۾ هدف کي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت به رکي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.