روس يوڪرين جي هڪ ٻئي اهم شهر تي قبصو ڪري ورتو

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس يوڪرين سان جنگ ۾ اڳڀرائي ڪندي يوڪرين جي هڪ ٻئي اهم شهر ايوديو تي قبضو ڪري ورتو.
ميڊيا رپورٽس موجب روسي فوج سان ويڙهه ۾ 1500 يوڪرين اهلڪار مارجي ويا آهن، ڊونيسڪ جي اتراندي شهر تي قبضو ڪرنل جنرل موردو يوچوف جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو.
روسي بچاءَ واري وزارت جو چوڻ هو ته ايوديو جو شهر آزاد ڪرائڻ سان وڌيڪ اڳتي وڌڻ ۾ مدد ملندي ۽ ڊونيسڪ جي راڄڌاني تي يوڪريني حملا روڪڻ به ممڪن ٿيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب روسي قبضي هيٺ ان يوڪريني شهر ۾ جنگ جي شروعات کان ويڙهه جاري هئي، ڊونيسڪ ريجن جو شهر ايوديوڪا جو تقريبن 32 چورس ڪلوميٽر تي ٻڌل آهي.
فوجي سامان جي کوٽ کي بنياد بڻائي يوڪريني فوجي ڪمانڊر انچيف ايوديوڪا مان هڪ ڏينهن اڳ شڪست جو اعلان ڪري ڇڏيو.
روسي صدر والاديمير پيوٽن ڊونيسڪ جي شهر ايوديوڪا تي قبضو ڪرڻ تي فوج کي واڌايون ڏيندي ان کي اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.