ڪي بورڊ جا بيڪٽيريا ڪموڊ جيڏا خطرناڪ!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صحت جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ سميت اهڙن ٻين ٽيڪنالوني جي سامان جهڙوڪ اي ٽي ايم مشينز تي واش روم کان وڌيڪ بيڪٽيريا ٿي سگهن ٿا.

طبي ويب سائيٽ موجب صحت جي ماهرن ٻڌايو آهي ته عام طور تي ڪي بورڊ بابت اهو تصور ناهي ته اهي ڪنهن بيماري جو ڪارڻ ٿي سگهن ٿا پر حقيقت اها آهي ته ڪي بورڊ بيڪٽيريا سان ڀريل هوندا آهن.

ماهرن ٻڌايو آهي ته عام طور تي جيڪي ڪي بورڊ گهڻن ماڻهن جي استعمال ۾ هوندا آهن انهن ۾ ڪنهن به واشروم کان وڌيڪ بيڪٽيريا ٿيندا آهن.

ماهرن ٻڌايو آهي ته ڪي بورڊ تي ڪجهه خطرناڪ قسم جا بيڪٽيريا به هوندا آهن ڇاڪاڻ ته آفيسن سميت عوامي جڳهه تي موجود ڪمپيوٽرز استعمال ڪندڙ ماڻهن ۾ هر ڪوئي صفائي جو خاص خيال رکندڙ ناهي هوندو ۽ ڪي بورڊ استعمال ڪندڙن کي ڪجهه بيماريون هجڻ جا امڪان به ٿيندا آهن.

ماهرن مثال ڏيندي ٻڌايو آهي ته اسپتالن ۾ موجود ڪمپيوٽرز استعمال ڪندڙ ڊاڪٽر ۽ نرس هٿن ۾ گلوز پهري احتياط سان ڪيبورڊ جهڙين شئين جو استعمال ڪندا آهن ڇاڪاڻ ته کين ڄاڻ هوندي آهي ته ڪي بورڊ تي خطرناڪ بيڪٽيريا ٿي سگهن ٿا.

ماهرن ٻڌايو آهي ته عام طور تي بيڪٽيريا سان خطرناڪ بيمارين ناهن ٿينديون پر اهڙا انفيڪشن ٿيندا آهن جيڪي خطرناڪ هوندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.