ميٽا جي ويب سئيٽس تي هاڻي اي آءِ مواد جي نشاندهي ٿيندي!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) فيس بوڪ، انسٽاگرام ۽ ٿريڊز جي مالڪ ڪمپني ميٽا تصديق ڪئي آهي ته هو پنهنجي پليٽ فارم تي ايندڙ وقت ۾ اهڙو فيچر متعارف ڪرائيندا جنهن سان آرٽيفشل انٽيليجنس (اي آءِ) جي مواد جي نشاندهي ٿيندي.

هن وقت ميٽا جي سمورن پليٽفارمز سميت انٽرنيٽ تي گهڻو مصنوئي ذهانت جو مواد وائرل ٿيندو آهي ۽ سڀ ڪمپنيون اهڙا ٽولز متعارف ڪري رهيون آهن جنهن جي مدد سان اي آءِ مواد تيار ٿئي ٿو.

جڏهن ته ميٽا اعلان ڪيو آهي ته هو ايندڙ ڪجهه وقت ۾ اهڙا فيچر پيش متعارف ڪندي جنهن سان مصنوئي مواد جي سڄاڻپ ٿي ويندي. ميٽا هڪ ويب سائيٽ جي بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو آهي ته مختلف پليٽ فارمز سان ڳنڍجڻ جو سلسلو هلي رهيو آهي جڏهن  مڪمل ٿي ويندو ته فيس بوڪ، انسٽا گرام ۽ ٿريڊز تي اي آءِ جي نشاندهي ڪرڻ وارو ٽول اچي ويندو.

ڪمپني موجب ان فيچر تحت جيئن ڪو سوشل ميڊيا واهپيدار اي آءِ تصوير شيئر ڪندو ته ڪمپني ان تصوير مٿان ڪيپشن هڻندي ته اها تصوير مصنوئي آهي.

اهڙي طرح اي آءِ وڊيوز ۽ آڊيوز جي به نشاندهي ڪئي ويندي ۽ ڪيپشنز جي ذريعي واهپيدارن کي ڄاڻ ملندي ته اهو مواد مصنوعي ذهانت جي مدد سان تيار ڪيو ويو آهي.

اهڙي طرح جيئن تصويرن جو بيگ گرائونڊ اي آءِ سان مٽائي شيئر ڪيو ويندو ته ان جي مٿان به ڪيپشن لڳل هوندو جنهن سان واهپيدارن کي ڄاڻ ملندي ته تصوير اي آءِ جي مدد سان تيار ٿيل آهي.

ميٽا جي اهڙي اعلان تي ڪمپني جي تعريف ڪئي پئي وڃي ۽ خيال ڪيو ٿو وڃي ته ٻيون ڪمپنيون به ايئن ڪنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.