بالي ووڊ اداڪارا ايشا ديول جي به سياست ۾ انٽري!

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينير اداڪارا ۽ سياستدان هيما مالني چيو آهي ته سندس ڌيءُ ايشا ديول به سياست جي دنيا ۾ قدم رکڻ لاءِ تيار آهي.

هيما مالني، ڀارت جي اترپرديش جي شهر مٿرا کان بي جي پي جي ميمبر آهي، هن ڀارتي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته سندس مڙس ڌرميندر هن جي سياسي ڪيريئر ۾ ڏاڍو ساٿ ڏنو آهي . هيما مالني ڀارتي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ ٻڌايو ته فيملي ۽ مڙس جي ساٿ سبب ئي هڪ ڪامياب سياستدان بڻجڻ ۾ مدد ملي آهي، سندس غير موجودگي ۾ مڙس ئي گهر جو خيال رکي پيو، ان لاءِ هوءَ سولائي سان سياست  لاءِ مٿرا هلي ويندي آهي.

رپورٽس موجب ڳالهه ٻولهه ۾ هيما مالني کان هڪ صحافي پڇيو ته سندس ڌيئرن ايشيا ديول ۽ آهانا ديول به سياست ۾ دلچسپي رکنديون آهن؟ جنهن جي جواب ۾ هيما مالني چيو ته ايشا جي سياست ۾ گهڻي دلچسپي هوندي آهي.

هيما مالني انڪشاف ڪيو ته ايشا ديول ايندڙ سالن ۾ سياست ۾ شامل ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته هوءَ سياست کي پسند ڪندي آهي ۽ سياسي دنيا طرف لاڙو به اٿس.

واضح رهي ته هلندڙ سال 6 فيبروري تي ايشا ديول ۽ سندس مڙس ڀرت تختاني ۾ طلاق به ٿي آهي، ايشا ديول 2012 ۾ ڀرت تختاني سان شادي ڪئي هئي، کين ٻن ڌيئرن جو اولاد آهي.

ميڊيا رپورٽس موجب هيما مالني پنهنجي ڌيءُ جي طلاق واري فيصلي جي حمايت ڪري رهي آهي پر ان معاملي تي هوءَ ميڊيا سان وڌيڪ ڳالهائڻ نٿي چاهي جڏهن ته ايشيا ديول جو پيءُ سندس طلاق سبب گهڻو اداس آهي.

ڀارتي خابرو اداري موجب ڌرميندر پنهنجي ڌيءُ ايشا ديول کي پنهنجي ٻارن خاطر طلاق واري فيصلي تي ٻيهر نظرثاني جو چيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.