محمد رضوان پي ايس ايل ۾ پرڏيهي ڪرڪيٽرز جي غيرموجوگي سبب پريشان!

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ملتان سلطانز جي ڪپتان محمد رضوان چيو آهي ته ليگ ميچن سبب پرڏيهي ڪرڪيٽرن جي غير موجودگي سبب پريشاني ٿي رهي آهي.
ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد رضوان چيو ته سڀ هڪٻئي جي طاقت ۽ ڪمزور ڄاڻن ٿا، شان مسعود ملتان سلطانز لاءِ کيڏي چڪو آهي انڪري کيس ٽيم جي کوڙ معاملن بابت ڄاڻ هوندي.
هن چيو ته هن دفعي اسان جي نئين مئنيجمينٽ آهي، پلان ترتيب ڏنا آهن، جيڪي پِچ نظر اچي رهي آهي ان تي هاءِ اسڪورنگ ميچ نه ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته هن وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٽي ليگز جاري آهن، ليگز سبب پرڏيهي رانديگرن جي غيرموجودگي تي پريشاني ٿي رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته يقين آهي ته پاڪستان سپر ليگ جو معيار برقرار رهندو، جڏهن ته ڪجهه رانديگر انجري سبب ناهن آيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.