سياري ۾ چپن جو خيال ڪيئن رکجي؟

سياري جي موسم ۾ کَلَ سان گڏ اسان جي چَپن تي به اثر پوندا آهن جنهن سبب اڪثر چپن جي خشڪي ۽ ڦاٽڻ جي شڪايت ٿيندي آهي.
ان حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته لِپ گلو جو استعمال چپن لاءِ گھڻو فائديمند آهي، لِپ گلو جي استعمال سان ڦاٽل چَپ خوبصورت ٿي ويندا آهن.
صاف سٿري هموار سطح جي چپن تي لپ اسٽڪ لڳائڻ تمام سولو هوندو آهي پر ڦاٽل چپن تي لپ اسٽڪ جو استعمال ڏکيو آهي.
اهڙن چپن تي لِپ اسٽڪ استعمال ڪرڻ کان هڪ ڪلاڪ اڳ ويزلين يا ڪا ٻي سٺي ڪريم لڳايو، تقريبن اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ان کي ڪپهه جي ٽڪري، ڪپڙي يا ٽاول سان صاف ڪري ڇڏيو ۽ چقن کي گھمجڻ کانسواءِ لپ اسٽيڪ لڳائي ڇڏيو.
ان کانسواءِ رات جو سمهڻ کان اڳ خشڪ چپن تي ڪا سٺي ڪريم يا گليسرين لڳائڻ گھرجي. اهو عمل ڪنهن به موسم ۾ ڪري سگھجي ٿو. لِپ اسٽڪ جي استعمال سان چَپ ڪارا ٿي ويندا آهن.
خراب قسم جي لِپ اسٽڪ چپن جي قدرتي رنگ تي اثرانداز ٿيندي آهي، ان صورتحال کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته هفتي ۾ تقريبن ٻه ڏينهن لپ اسٽڪ جو استعمال نه ڪيو وڃي. هر رات سمهڻ کان اڳ چپن تي زيتون جو تيل لڳايو.
جيڪڏهن زيتون جي تيل سان گڏ ليمي جو پاڻي يا ڊائليوٽ سلفيورڪ ايسڊ جا ٽي چار ڦڙا گڏائي روز رات جو سمهڻ کان اڳ ۽ لپ اسٽڪ لاهڻ کان پوءِ چپن تي مهٽيو ته ان سان اوهان جي چپن جي قدرتي خوبصورتي سدائين برقرار رهندي.
انگور يا گريپ فروٽ جي جوس ۾ دار چيني گڏائڻ سان به چپن جي ڪاراڻ ختم ٿيندي آهي، ان مقصد لاءِ ٽماٽو ۽ چقندر به فائديمند آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.