پيرن مان ڌَپ اچڻ ڪهڙي بيماري آهي؟ ڇوٽڪارو سولو

اوهان مان گھڻا ماڻهو اهڙن ماڻهن کي سڃاڻيندا هوندا جن جي پيرن مان بوءِ ايندي آهي جيڪا برداشت ڪرڻ جوڳي ناهي هوندي، ٿي سگھي ٿو ته اوهان جي به پيرن مان بوءِ ايندي هجي پر جيڪڏهن ڪجهه احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن ته اهو ٻين سميت اوهان لاءِ به فائديمند هوندو.

عام طور تي اُهي ماڻهو جيڪي سڄي ڏينهن جو گھڻو وقت جوتا پهري رکن ٿا اهي ماڻهو ان مسئلي کي منهن ڏين ٿا، پيرن مان بوءِ اچڻ هڪ بيماري آهي، اچو ته ڄاڻو ٿا ته اها بيماري ٿيندي ڇو آهي.

پيرن مان بوءِ اچڻ جا سبب

پيرن جي بوءِ جو سڀ کان وڏو سبب پگھر آهي وهي ناهي ويندو، يعني جڏهن کي جوتا پهريل هوندا آهن ته پگھر پيرن تائين اچي ويندو آهي ۽ گھڻي دير تائين رهندو آهي جيڪڏهن جورابا پهريل آهن ته صورتحال وڌيڪ بدتر ٿي سگھي ٿي.

جڏهن پگھر گھڻي دير تائين جورابن ۾ رهندو آهي ته اهو جراثيم پيدا ڪندو آهي جن مان بوءِ پيدا ٿيندي آهي.

سائنسي اصطلاح ۾ پيرن مان بوءِ اچڻ جي بيماري کي ”بروموڊوسس“ چيو ويندو آهي، اٿليٽ يا اُهي ماڻهو جن جي ڏينهن جو گھڻو وقت جوتا پهري گذرندو آهي انهن جي پيرن ۾ فنگل انفيڪشن ٿيڻ جو تعلق به بروموڊوسس سان ئي آهي.

پيرن جي بوءِ کي ڪيئن ختم ڪجي؟

جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته بروموڊوسس نالي بيماري کان ڇوٽڪارو حاصل ڪريو ته ان لاءِ اوهان کي پابندي سان ڪجهه طريقا اختيار ڪرڻا پوندا جن تحت بيماري ختم ٿي سگھي ٿي.

جورابن کي روز تبديل ڪريو

پيرن مان بوءِ ختم ڪرڻ لاءِ پهريون ۽ بنيادي طريقو اِهو آهي ته جيڪڏهن اوهان جورابا پهريندا آهيو ته انهن کي روز تبديل ڪريو، ڪجهه ماڻهن گرمين ۾ به جوگرز جي اندر جورابا پهريندا آهن، کين گھرجي ته روز تبديل ڪن.

پيرن جي سٺي نموني صفائي

پيرن کي عام پاڻيءَ سان ڌوئڻ بدران هفتي ۾ ٻه ڀيرا سٺي نموني ڌوئو يا مخصوص پاڻي ۾ ڀڄايو، هلڪي گرم پاڻي ۾ اڌ ڪوپ ايپسم لوڻ گڏايو، جيڪڏهن اوهان وٽ ايپسم لوڻ نه آهي ته اوهان ٻه حصا گرم پاڻي ۾ هڪ حصو اڇي يا صوف جي سرڪي جو ملائي سگھو ٿا.

ان پاڻي ۾ 20 منٽن تائين پير ڀڄايو، ايپسم لوڻ اوهان جي کل مان گھم کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي، ان لاءِ بيڪٽيريا جو پيرن تي رهڻ ڏکيو آهي.

ان کانسواءِ سُرڪو اوهان جي پيرن مان بيڪٽيريا ختم ڪرڻ ۾ به مدد ڪندو آهي.

پيرن کي خشڪ رکو

بيڪٽيريا جي پيداوار گھميل هنڌن تي ٿيندي آهي تنهنڪري اوهان پيرن کي خشڪ رکڻ سان پيرن جي بوءِ کي گھٽائڻ ۾ مدد ملندي، ڪنهن به آلاڻ يا پگھر کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجن پيرن تي ٽيلڪم پائوڊر لڳائي سگھو ٿا.

پيرن جي ڊيڊ اسڪن فوٽ فائلر سان رهڙي ڪري هٽايو.

پيرن جي ڊيڊ اسڪن يعني پراڻي کل فوٽ فائلر سان رهڙي لاهي ڇڏيو، جڏهن اوهان جي پيرن جي پراڻي ۽ کوري کل تي پگھر ايندو آهي ته ان ۾ جراثيم پيدا ٿيندا آهن، ان ڪري ضروري آهي ته پيرن جي پراڻي کل کي سٺي طرح صاف ڪيو وڃي.

ننهن کي صاف رکو

پيرن مان بوءِ ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اوهان پنهنجن ننهن کي مستقل مزاجي سان ڪاٽي صاف سٿرا رکو، جتي اوهان جي پيرن جا ننهن وڌڻ شروع ٿي ويندا آهن اتي جراثيم به پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن تنهنڪري ضروري آهي ته انهن کي ڪاٽي صاف سٿرو رکو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.