پريڪٽس پروسيجر آرڊيننس خلاف بيرسٽر گوهر سميت ٻين جون درخواستون خارج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پريڪٽس پروسيجر آرڊيننس خلاف تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر سميت ٻين جون داخل درخواستون خارج ڪري ڇڏيون.
آئيني بينچ پريڪٽس پروسيجر آرڊيننس خلاف درخواستن کي رد ڪرڻ جو فيصلو ڏنو.
جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏيندي چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس ختم ٿي چڪو آهي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته آرڊيننس کان پوءِ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ۾ پارليامينٽ قانون سازي ڪري چڪي آهي.
درخواست گذار وڪيل چيو ته آرڊيننس تحت ڪميٽي جي ايڪشن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، جسٽس جمال مندوخيل چيو قانون اچي وڃي ته آرڊيننس پاڻمرادو ختم ٿي وڃي ٿو.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته آرڊيننس تحت ٺهيل ڪميٽي ختم ٿي چڪي آهي، ڪميٽي جي فيصلن کي پاس اينڊ ڪلوز ٽرانزيڪشنز کي تحفظ آهي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته آئين صدر پاڪستان کي آرڊيننس جاري ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو.
واضح رهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر، افراسياب خٽڪ، احتشام الحق ۽ اڪمل باري آرڊيننس خلاف درخواستون داخل ڪيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.