بشار الاسد جي حڪومت جو خاتمو آمريڪا ۽ اسرائيل جي سازش جو نتيجو آهي:خامنه اي

تهران ( م ڊ ) ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي دعويٰ ڪئي آهي ته شام ​​۾ بشار الاسد جي حڪومت جو خاتمو آمريڪا، اسرائيل ۽ شام جي پاڙيسري ملڪ جي سازش جو نتيجو آهي.تهران ۾ ڳالهائيندي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو ته شام ​​۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو آمريڪا ۽ اسرائيل جي رٿابندي سان ٿيو آهي. آيت الله خامنه اي چيو ته شام ​​جي هڪ پاڙيسري ملڪ به بشار الاسد جي حڪومت کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اسان وٽ ثبوت آهن، ڪنهن به شڪ جي گنجائش ناهي.ايراني سپريم ليڊر چيو ته شام ​​۾ باغي گروپن جا مقصد هڪ ٻئي کان مختلف آهن، شام ۾ هر باغي گروپ جا پنهنجا مقصد ۽ ايجنڊا آهن، وقت ثابت ڪندو ته اهڙن ماڻهن جو ڪو به مقصد پورو نه ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا خطي ۾ پنهنجا قدم ڄمائڻ چاهي ٿو، داعش جي دور ۾ شام ۾ ايران جي موجودگي جو مقصد مقدس هنڌن جي حفاظت ڪرڻ هو، ايران جي موجودگي جو مقصد شام جي حڪومت جي مدد ڪرڻ هو. هوڏانهن شام جي باغي فورسز شام جي شهر ديرالزور تي قبضو ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي شام ۾ بشار الاسد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال سبب وڏن شهرن ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ ضروري شين جون قيمتون وڌي ويون آهن.گڏيل قومن جي انسانيت واري اداري موجب اسد حڪومت جي خاتمي کانپوءِ دمشق، ديرالزور، حما ۽ وڏن شهرن ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.