گلشن حديد ۾ بچت بازار ۾ اسٽال لڳائڻ تان دڪاندارن ۾ جهيڙو، نوجوان قتل، ڌرڻو

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حديد ۾ لڳندڙ اربع بچت بازار ۾ ٻن دڪاندارن وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ جوابدار زمين خان ڇُري سان وار ڪري نوجوان زاهد ميراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو، واقعي بعد بازار مڪمل طور بند ڪرائي وئي ۽ مقتول جا وارث پهچڻ تائين سخت احتجاج ڪيو ويو، واقعي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪارروائي شروع ڪئي، ٻئي پاسي مقتول نوجوان جي وارثن لاش اسٽيل ٽائون قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو ڌرڻي سبب ٺٽو ڪراچي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بند رهي، ڌرڻي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي شرڪت ڪري مقتول جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي صنعان قريشي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ڌرتي تي پنهنجي وارثن کي بيدردي سان ڇُريون هڻي قتل ڪيو وڃي ٿو جيڪو سراسر ظلم آهي اسان قاتلن جي گرفتاري تائين مقتول جي وارثن سان گڏ آهيون، ڌرڻي ۾ اسان جو مطالبو آهي ته قاتلن کي گرفتار ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ٻئي پاسي مقتول نوجوان زاهد ميراڻي جي وارثن جو چوڻ هو ته زمين خان نالي پٺاڻ ۽ سندس ساٿين بيگناهه اسان جي نوجوان کي ڇُرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيو آهي، پوليس هن مهل تائين جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي ڌرڻي واري هنڌ پهچي وارثن سان ڳالهيون ڪري 24 ڪلاڪن اندر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. پورهيت زاهد ميراڻي جي قتل تي اسٽيل ٽائون وٽ لڳل ڌرڻي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي شريڪ ٿي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پورهيت زاهد ميراڻي جو اربع بازار ۾ قتل کليل دهشتگردي آهي، جنهن جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن، هن چيو ته ڪراچي سنڌين جو شهر آهي،ڪير به سنڌي پاڻ کي لاوارث نه سمجهي، هن چيو ته سنڌ سرڪار ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، لاقانونيت جو راڄ آهي، شهرن ۾ دهشتگردي جا واقعا وڌي رهيا آهن. سڄي سنڌ ۾ پوليس رڳو منشيات فروشي ۽ ٻين غير قانوني ڌنڌن ۾ مصروف آهي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو جيڪڏهن گلشن حديد ۾ اربع بازار ۾ سرعام قتل ٿيل پورهيت جا قاتل گرفتار نه ڪيا ويا ته ڪرپٽ حڪمرانن ۽ نااهل پوليس آفيسرن جي آفيسن جو گهيراءُ ڪنداسين. پيپلزپارٽي جي سرڪار سنڌ مان غير قانوني ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ بدران انهن کي غير قانوني سڀ سهولتون ڏئي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويٺو آهي. جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي حيدرآباد ڊويزن تي رحمان پيرزادو کي جسقم جو ڊي او مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سنڌو درياھ مٿان ٺهندڙ ڪينالن خلاف 15 ڊسمبر تي مٽياري کان پنجاب ويندڙ روڊ تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.