نياڻين تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏيو،انهن کي تعليم ڏيو:پيرپاڳارو

مٺي/ڇاڇرو(رپورٽ:غازي بجير/يعقوب بجير)حرن جي روحاني پيشوا ۽ جي ڊي اي جي سربراهه پير پاڳاري ڳوٺ ڌني جي ويري ۾ کائوڙ چونڪي جي مک خليفي فقير  رمضان  راھمون خميسو راھمون فقير حسين راھمون فقير نواب راھمون فقير محمد حسن راھمون جي جي پڪي دعوت تي پهتو پير پاڳاري پنهنجي روحاني خطاب ۾ چيو ته توهان کي هدايت ڪيان ٿو ته پنهنجي نياڻين تي وڌ کان وڌ توجهه ڏيو نياڻين کي سٺي تعليم ڏيو انھن جو خيال رکو نياڻين کي پنھنجون نياڻيون سمجھو ۽ پنهنجي پٽن جي اولاد تي به ڪنٽرول ڪيو  متان ھو ڪنھن غلط صحبت ۾ نه اچي وڃن انھي جي سٺي تربيت ڪيو، پاڙي وارن جو ھميشه خيال رکو اوهان کي ڏکئي وقت ۾ پنهنجي عزيزن کان وڌ پاڙي وارا ئي ڪم ايندا آهن، پير پاڳاري چيو ته فوج اسان جي آھي ۽ اسان فوج جا آھيون ملڪ جي جيڪا موجوده صورتحال آهي ڪو به نيشل ليول تي ليڊر ناھي رھيو، پاڪ فوج دهشت گردي ختم ڪرڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب وئي آهي، فوج ئي آهي جيڪا فيڊريشن کي بچائي سگھي ٿي،هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي ڪري فصلن مان سٺي اپت نه ٿي ملي ان ڪري جيترو ٿي سگھي چوپايو مال ڌاريو، پيرپاڳارو اڄ سندر ۾ خليفه فقير سلطان راڄڙ جي دعوت ۾ پهچندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.