ملير (ڊ ر) سنڌ جي تهذيب ۽ ادب تمام پراڻي آهي، اديب ۽ قلمڪار به سنڌ جي مٿان ڌارين جي يلغار تي خاموش نه رهندا سنڌ جو جياپو سنڌو ندي جي پاڻي تي آهي سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ تي سنڌ جي عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي سنڌ جو ٻچو ٻچو ڪٽجي سگهي ٿو پر سنڌ جي مفادن خلاف سوديبازي نه ڪندو، اهڙن خيالن جو اظهار گذريل ڏينهن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ليکڪ دلبر بروهي پاران ڏنل ڪتاب ”تاريخ جو عڪس“ تحفي ۾ ڏيڻ وقت ملير جي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جا قلمڪار ۽ اديب به سنڌ جي مٿان ڌارين جي يلغار ۽ سنڌو درياهه مٿان ڪئنال ٺاهڻ تي خاموش نه ويهندا، هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام کي معاشي طور ڪمزور بنائڻ لاءِ 6 ڪئنال ڪڍي رهي آهي، اهڙي منصوبي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو، ان موقعي تي هن چيو ته دلبر بروهي بهترين ليکڪ سان گڏ بهترين انسان آهي هن سنڌ ۽ هند جي تاريخ تي ڪتاب لکي بهترين ڪم ڪيو آهي تاريخ جي ڪتاب پڙهڻ سان نوجوان نسل کي خبر پوندي ته اسان جي سنڌ پهرين ڪيئن هئي ۽ اڄ ڪيئن آهي هن چيو ته سنڌ مصر کان پراڻي آهي موئن جو دڙو جي تهذيب، تمدن، ثقافت گواهه آهي ته سنڌي ماڻهو معاشي طور ڪيئن هئا، موجوده حالتن ۾ سڄي دنيا تبديل ٿي رهي آهي ان ڪري سنڌ کي به گهڻن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو ان ڪري ساڃاهه وند ماڻهن کي گهرجي ته سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين کي گڏيل آواز اٿارين.