لاڙڪاڻي واسڻ جو اڳوڻي مڙس جي زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ملاح جي رھواسڻ مسمات ثمينا اوڍاڻو ڌي ڪمال خان اوڍاڻو اڳوڻي مڙس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو.
ثمينا اوڍاڻو دانهيندي چيو ته منهنجي شادي 8 مهينا اڳ ياسين سهتو پٽ ممتاز سهتو سان ٿي هئي، مون کي شادي کانپوءِ خبر پئي ته ياسين سهتو جنهن جون اڳ ۾ به ٻه شاديون ٿيل آهن، جڏهن ته هن 8 مهينا گڏ رهڻ کانپوءِ مون کي به طلاق ڏئي ڇڏي آهي.
هن چيو ته هو هڪ بااثر ۽ فراڊي ماڻهو آهي، جنهن منهنجي ڏاج، سونا زيور ۽ ٻيو سامان به پاڻ وٽ رکيو آهي، هاڻي مون کي ۽ منهنجي خاندان کي موتمار ڌمڪيو ڏئي رهيو آھي.
سندس چوڻ هو ته مان آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ٻين وس وارن کي عرض ٿي ڪيان ته مون غريب سان انصاف ڪيو وڃي، مون کي پنهنجو قيمتي سامان واپس ڏيارڻ سان گڏ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.