ڊي سيٽ ڪرڻ جو معاملو، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي طريقي ڪار تي سوال اٿاري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ قومي اسيمبلي ميمبر عادل بازئي جي رڪنيت تان معطلي بابت ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي طريقي ڪار تي سوال اٿاري ڇڏيا.
عادل بازئي جي رڪنيت معطلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ ڪئي.
دوران ٻڌڻي سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي طريقي ڪار تي سوال اٿاري ڇڏيا.
جسٽس عائشا ملڪ پڇيو ته عادل بازئي ڪيس ۾ حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ ڪميشن ڪهڙي انڪوائري ڪئي؟ جڏهن ته جسٽس عقيل عباسي ريمارڪس ڏنا ته بس وڏي صاحب جو خط اچي ويو ته هن ماڻهو کي ڊي سيٽ ڪري ڇڏيو، اهو نٿو ٿي سگھي.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هڪ تڪ جي عوام کي ڊس فرنچائز ڪرڻ جو پيمانو ته سخت هجڻ گهرجي.
عادل بازئي جي وڪيل سردار تيمور چيو ته هڪ ڏينهن معاملو اليڪشن ڪميشن تائين پهتو، ايندڙ ڏينهن ئي ڪارروائي شروع ڪئي وئي، اسان بلوچستان هاءِ ڪورٽ ويا ته اسان کي لاڳاپيل دستاويز ته ڏيو، اسان چيو جيڪو ن ليگ سان وابستگي جو حلفي بيان ٻڌايو پيو وڃي، اهو اسان کي ڏيو، جسٽس عائشا ملڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن چئي ڇڏيو اهو دستاويز ته سيڪريٽ آهي.
عدالت ڊي جي لا اليڪشن ڪميشن کي روسٽرم تي گهرايو ۽ جسٽس عائشا ملڪ چيو ته توهان وٽ ٻه بيان حلفي آيا هئا، توهان ڪهڙي اختيار تحت بنا انڪوائري جي هڪ حلفي بيان کي درست سمجهي ڇڏيو؟
جسٽس عائشا ملڪ پڇيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن اهو چئي سگھي ٿي ته بس هڪ بيان حلفي پسند آيو ٻيو نه، ڇا اليڪشن ڪميشن ملڪ جي سڀني عدالتن کان مٿانهين آهي؟ توهان کي ڪنهن شئي جي پرواهه ئي ناهي، ڇا توهان ڪنهن کي نٿا مڃو؟
جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته عدالتن ۽ ميجسٽريٽن کي به نٿا مڃين، پاڻ به انڪوائري نٿا ڪن، ڇا اليڪشن ڪميشن اهڙو ٽرائل ڪرڻ جو حق رکندي آهي؟ ٽرائل ڪورٽ جا اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ ڪٿان آيا آهن؟ اليڪشن ڪميشن ته بلڊوزر لڳائي رکيو آهي.
جسٽس عائشا ملڪ پڇيو ته هڪ شخص چوي ٿو ته بيان حلفي منهنجو ناهي ته اليڪشن ڪميشن ڪيئن ٿي پتو لڳائي سگهجي؟ اليڪشن ڪميشن حقيقتون ڪيئن ٿي ڄاڻي؟ ڪهڙو قانون اليڪشن ڪميشن کي اهو اختيار ڏئي ٿو ته اها انڪوائري ڪري سگهي؟
ن ليگ جي وڪيل حارث عظمت چيو ته عدالت جا سوال تمام سٺا آهن، جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته سوال سٺا آهن پر توهان جواب نٿا ڏئي سگهو.
ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي اسپيڪر جي درخواست تي عادل بازئي جي قومي اسيمبلي جي رڪنيت معطل ڪئي هئي، جنهن خلاف عادل بازئي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو.
سپريم ڪورٽ ڪجهه ڏينهن اڳ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪندي عادل بازئي جي قومي اسيمبلي جي رڪنيت بحال ڪئي هئي، جڏهن ته اڄ عدالت عظميٰ اليڪشن ڪميشن جو عادل بازئي کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.