چونڊ نتيجن خلاف درخواستون، عدالت پارن اي سي پي سان رابطي جي هدايت

ڪراچي (رپورٽ ماريه اسماعيل )سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس ميبن لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني  بئنچ 40کان وڌيڪ چونڊن جي نتنجن جي خلاف درخوست  ٿيندڙن کي اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.عدالت اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪندي چيو آهي ته سمورين درخواستن تي 22فبيروري تائين فيصلو ڪري اميدوارن جي حتمي لسٽ جاري ڪئي وڃي جڏهن ته عدالت اسٽي آرڊ ڏيڻ کان انڪار ڪيو.عدالت سمورين درخواستن کي اڪلائي ڇڏيو.عدالت ۾ ايڊيشنل اٿارني جنرل، اليڪشن ڪميشن جانمائندا ۽ ڌرين جا وڪيل پيش ٿيا. عدالت ۾ ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ سموريون درخواستون رد ڪيون آهن. حليم عادل شيخ جي وڪيل چيو ته رات جو اين اي 238 تي ايم ڪيو ايم اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪشن جاري ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس چيو ته رات جو ڪهڙي طرح نوٽيفڪشن جاري ٿي سگهي ٿو جڏهن ته درخواستون التوا هيٺ آهن. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته هڪ نوٽيفڪشن جاري ان ڪري ڪيو ويو آهي ته هن جو زرلٽ تيار هو. چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن درخواستن تي قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ جي پابند آهي. بئرسٽر صلاح الدين چيو ته اسان جا نتيجا حيرت انگيز طور تبديل ڪيا ويا. اليڪشن ڪميشن اسان کي ٻڌڻ کانسواءِ نتيجا جاري ڪري ڇڏيا. چيف جسٽس عقيل احمد عباسي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته توهان کي پهريان اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪرڻ گهرجي ها. تحريڪ انصاف جي وڪيل جبران ناصر چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو پر اسان جون شڪايتون نه ٻڌيون ويو ان ڪري هاءِ ڪورٽ ۾ آيا آهيون. سرڪاري وڪيل جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن وٺ اختيار آهي ته هو اسٽي آرڊ جاري ڪري سگهي ٿو .  ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم چيو ته هي درخواستون  ٻڌڻ لائق ناهن. چيف جسٽس  اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي ته اميدوارن پاران داخل ڪيل چونڊ نتيجن بابت سمورين درخواستن تي 22 فيبروري تائين قانون موجب اعتراضن تي ڪم ڪري مسئلا حل ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.