ڪراچي (رپورٽر ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي نائب صدر ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم جي اڳواڻي ۾ وفد اداري نور الحق ۾ امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مبينا ڌانڌلي ۽ مينڊيٽ چوري خلاف حڪمت عملي ۽ گڏيل جدوجهد تي اتفاق ڪيو ويو، جي ڊي اي پاران جماعت اسلامي کي حيدرآباد ٽول پلازه تي ڌرڻي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي. جنهن کي حافظ نعيم الرحمان قبول ڪيو ۽ ڌرڻي ۾ شرڪت جو يقين ڏياريو، وفد ۾ سيد منير حيدر شاهه، جگديش آهوجا، عبدالڪريم شر ۽ مظفر خان بروهي ايڊووڪيٽ پڻ شامل هئا. ان موقعي تي حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ پولنگ اسٽيشنن تي قبضو ڪري وڏي ڌھانڌلي ڪئي ۽ مينڊيٽ تي قبضو ڪيو. فارم 47 جا جعلي نتيجا قبول نه ٿا ڪريون، فارم 45 موجب نتيجا جاري ڪيا وڃن. چونڊن کان اڳ هڪ ٻئي خلاف تقريرون ڪندڙ ڌريون حڪومت جي غير مشروط حمايت ڪري اقتدار حاصل ڪري رهيون آهن. چونڊن جي نالي تي بدترين ڊرامو رچايو ويو آهي. ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته هو ڌهانڌلي ۽ مينڊيٽ چوري ڪرڻ بابت جماعت اسلامي جي موقف جي مڪمل حمايت ڪن ٿا، حافظ نعيم الرحمان جو ڪراچي ۾ سيٽ نه کڻڻ جو فيصلو اليڪشن ڪميشن جي منهن تي چماٽ آهي. عام چونڊن ۾ ملڪ جي آئيني ۽ جمهوري تشخص جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. پيپلز پارٽي جا اميدوار جنهن طريقي سان کٽيا اهو جمهوريت جي نالي تي هڪ مذاق آهي، ڊي جي اي پاران جي ٽي روڊ ٽول پلازه حيدرآباد تي پهريون ڌرڻو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.