اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب ڪاميٽي جي پهرين ڏينهن جي اجلاس جو اصل مقصد پڌرو ٿي ويو آهي، سي اي سي پاران پ پ بلوچستان کي خراب تحسين پيش ڪيو ويو آهي. بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ٻين پارٽين سان رابطن لاءِ اڄ اجلاس ۾ ڪاميٽي به ٺاهي ويندي، پنجاب مان سي اي سي ميمبر چونڊ نتيجن تي ڪاوڙجي پيا آهن، سي اي سي ميمبرن ٻڌايو ته پنجاب جي سيٽن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، جيڪي چونڊيا ويا اهي ته ڊوڙ ۾ ئي نه هئا. ميمبرن مطابق کٽيل سيٽن تي نگران صوبائي حڪومت انتظاميا جي مدد سان اسان جي ڪاميابي کي شڪست ۾ تبديل ڪيو، پهرين ڏينهن اجلاس ۾ ن ليگ جي سربراهي ۾ ٺهندڙ حڪومت ۾ شامل نه ٿيڻ تي گهڻن ميمبرن راءِ ڏني آهي ته اجلاس پي ٽي آءِ جي آزاد ميمبرن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي به راءِ ڏني وئي آهي، اجلاس ۾ ن ليگ جي حڪومت ٺهرائي خود مضبوط اپوزيشن جي به تجويز ڏني وئي آهي.