ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن ۾ اڪثريت سان ڪاميابي کانپوءِ پ پ سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي ۽ ان جون تياريون جاري آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ قيادت سنڌ جي وڏ وزارت لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مراد علي شاهه جي چونڊ تي غور ڪري رهي آهي ۽ هو وڏي وزير لاءِ مضبوط اميدوار آهي.
گڏوگڏ ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ڊاڪٽر عاصم کي سنڌ جي گورنر جو عهدو ملندو.
پر ان جا امڪان گهٽ ئي نظر اچي رهيا آهن، ڇو ته ايم ڪيو ايم وفاق ۾ ن ليگ جي اتحادي آهي ۽ خيال ڪيو پيو وڃي ته اها گورنرشپ حاصل ڪندي.
You might also like