ڪانگريس مودي جي ڪارن ڪرتوتن تان پردو کڻي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڪانگريس ڀارتي ويزاعظم نريندر مودي جي 10 سالا حڪمراني تي ”بليڪ پيپر“ پيش ڪيو، جنهن ۾ اصل حقيقت پڌري ڪري ڇڏي.
ڪانگريس مودي جي 10 سالا حڪمراني تي بليڪ پيپر پيش ڪيو، ڪانگريس جي صدر ملڪ ارجن کارگي 54 صفحن تي ٻڌل انيائي ڪال 2010-2024 جي نالي سان بليڪ پيپر شايع ڪيو.
مودي سرڪاري تي معيشت تباهه ڪرڻ، بيروزگاري وڌائڻ ۽ زرعي شعبو تباهه ڪرڻ، سنگين سماجي ناانصافي ڪرڻ جا الزام لڳايا آهن. بليڪ پيپر مودي سرڪاري ۽ ڀارت جي سڀ کان وڏي صنعت ڪار گوتم اڊاني وچ ۾ غيرقانوني لاڳاپن ڏانهن به اشارو ڪيو ويو آهي.
بليڪ پيپر ۾ ان ڳالهه جي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته مودي جي غيرقانوني لاڳاپن سببب ريگوليٽري ۽ جاچ ايجنسيون عوام کان اڻٽر آهن.
پيپر جي متن ۾ چيو ويو ته مودي جي حڪومت بيروزگاري، اقتصادي تباهي ۽ ناقص جي ايس ٽي جو ڳڙهه هئي، مودي رڳو امير ۽ غريب وچ ۾ ويڇا وڌايا ۽ لکين هارين جو مستقبل داءَ تي لڳائي ڇڏيو.
انتهاپسندن پاليسين ۽ ناقص ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي ڀارتي عوام مودي سرڪار کان ڪاوڙيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.