شهباز جو زرداري ۽ بلاول سان رابطو، ن ليگ جي حمايت تي ٿورا مڃيائين

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي.

شهباز شريف ٻنهي اڳواڻن سان ٽيليفونڪ رابطي ۾ ن ليگ جي حمايت جي اعلان تي نواز شريف ۽ پنهنجي طرفان ٿورا مڃيا.

هن چيو اميد ته گڏجي پاڪستان کي سياسي، معاشي بحرانن مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.

واضح رهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اعلان ڪيو هو ته ن ليگ جي وزارت عظميٰ جي اميدوار کي ووٽ ڏينداسين پر وزارتون نه وٺنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.