نوابشاهه (ويب ڊيسڪ) ريڊيو جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي نوابشاهه جي شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي ڊائريڪٽوريٽ آف پبلڪ رليشنس پاران يونيورسٽيءَ جي ايف ايم ريڊيو اسٽيشن تي ھڪ ويھڪ ڪئي وئي جنھن ۾ ميڊيا شعبي جي استادن دستار علي چانڊيو، ڪاشف نوراني، ڊاڪٽر طاحہ شبير، ثمينه مھيسر ويچار ونڊيا.
سندن چوڻ هو ته ريڊيو اڄ به پنهنجو مٽ پاڻ آهي جيتوڻيڪ ميڊيا ۾ نواڻ ضررو آئي آهي پر ريڊيو جي اڄ به اصل اھميت برقرار آھي.
ھنن چيو ته پاڪستان جي آزاديءَ کان وٺي ھن وقت تائين پاڪستان ۾ سيلاب جھڙين آفتن توڙي جنگين ۾ ريڊيو پنهنجو ھڪ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي.
مقررين وڌيڪ چيو ته ريڊيو جي حيثيت ۽ مقام اڄ به ساڳيو آهي ۽ اسان کي گھرجي ته ريڊيو ۾ نين ٽيڪنالاجز جو استعمال ڪري ريڊيو جي نواڻ ۾ واڌارو آڻيون.
تقريب ۾ مقررين بينظير يونيورسٽي جي ايف ايم ريڊيو تي ٿيندڙ مختلف پروگرامن جي ڪمپيئرز جي محنت جي واکاڻ ڪري سندن حوصلا افزائي پڻ ڪئي ۽ نمايان ڪارڪردگي تي کين شييلڊون پڻ ڏنيون ويون.