نوازشريف شڪست تسليم ڪري،بلاول اپوزيشن ۾ ويهي:تجزئي نگار

اسلام آباد(م ڊ) ناليواري صحافي ۽ تجزئي نگار امتياز عالم چيو آهي ته سياسي ڏڦيڙ روڪڻو آهي ته پي ٽي آءِ ميمبرن کي ٽوڙي ڌانڌلي جو دائرو وڌيڪ وڌائڻ بدران تحريڪ انصاف جي آزاد ميمبرن جي بلاڪ کي حڪومت ٺاهڻ جو موقعو ڏنو وڃي، نوازشريف کي پنهنجي شڪست قبول ڪندي وزارت اعظميٰ جي ڊوڙ مان ٻاهر نڪري قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي  ڪوشش ڪرڻ گهرجي، بلاول ڀٽو اپوزيشن ۾ ويهڻ جو اعلان ڪري، سموريون پارٽيون فارم 45 مطابق نتيجن جو نئين سر تعين ڪندي فارم 47 کي ٻيهر جاري ڪرڻ جو  مطالبو ڪنديون ته چونڊ نتيجن تي اٿاريل انتهائي شديد اعتراض ختم ڪري سگهجن ٿا، نه ته چونڊ فراڊ جو جهيڙو هلندو رهندو ۽ نئين حڪومت اخلاقي جواز کان محروم رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.