نوازشريف مايوس،وزرات عظميٰ ۾ دلچسپي ختم، ملاقاتون گهٽائي ڇڏيون

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) نصرت جاويد چيو آهي ته مان خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي چوان ٿو ٻئي وڏيون پارٽيون(پ پ ۽ نواز ليگ) ۽ انهن جا اڳواڻ وزيراعظم جي سيٽ نٿا وٺڻ چاهين، نجي ٽي وي تي پنهنجي تجزئي ۾ هن چيو ته نوازشريف هاڻي وزارت اعظميٰ ۾ دلچسپي نٿو رکي،هو هاڻي ڪنهن سان ملاقاتون به نه پيو ڪري، آصف زرداري جهڙو ماڻهو اچي وڃي ته ملي  وٺي ٿو نه ته مريم، اسحاق ڊار ۽ شهبازشريف ڄاڻين،مشڪل سان پارٽي اجلاس ۾ ويهي ٿو، نوازشريف جو رويو آهي ته ” مون کي ڇو گهرايو“ ،ن ليگ ۽ پ پ وارا پنهنجي پارٽي ۾ ويٺل اڳواڻن کي چئي رهيا آهن ته اسان ڪٿي ڦاسي پيا  آهيون، هوڏانهن ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته نوازشريف بلڪل مايوس ناهي، پ پ کي به اليڪشن نتيجا قبول آهن، اسان جي سيٽن ۾ واڌ ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي،هن چيو ته  اسان کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته ڪٿي نه ڪٿي غلطيون ٿيون آهن، نوازشريف پراميد آهي ته حڪومت بڻائي وٺنداسين، پي ٽي آءِ وارا ڪي پي ۾ 80 سيڪڙو کٽي ويا ته اليڪشن صاف باقي پنجاب ۾ گوڙ پيا ڪن،هن چيو ته پنجاب جي وڏوزارت لاءِ اڃا ڪو فيصلو ناهي ٿيو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.