نه عهدو ڇڏيان پيو نه سياست، صرف ساهي پيو پٽيان: پرويز خٽڪ

پشاور (م ڊ) پي ٽي آءِ پارليامينٽرينز جي سربراهه پرويز خٽڪ سياست ڇڏڻ جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي. پرويز خٽڪ جو چوڻ آهي ته سياست ڇڏڻ جون خبرون غلط آهن، نه پارٽي عهدو ڇڏي رهيو آهيان نه سياست، ڪجهه وقت لاءِ آرام ڪرڻ چاهيان ٿو. سندس چوڻ هو آرام ڪرڻ جو مطلب اهو ناهي ته مان سياست ڇڏي رهيو آهيان. ياد رهي ته عام چونڊن ۾ شڪست تي استحڪام پاڪستان پارٽي جي  سربراهه جهانگير ترين پارٽي چيئرمين شپ ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.