پي ٽي آءِ پاران حافظ نعيم الرحمان جي پريس ڪانفرنس جي آجيان

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي پريس  ڪانفرنس جي آجيان ڪئي آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن عوام جي شفاف مينڊيٽ ۾ گندگي کيڏي رهي آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر عوام جي مينڊيٽ جي تقدس جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.پي ٽي آءِ ترجمان وڌيڪ چيو ته سڪندر سلطان راجا ۽ ڪميشن ميمبر فوري طور استعيفيٰ ڏين.

جماعت اسلامي جي نئين امير جي چونڊ، حافظ نعيم به شامل

لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق طرفان امارت تان استعيفيٰ کانپوءِ مارچ مهيني ۾ نئين امير جي چونڊ ڪئي  ويندي. سراج الحق طرفان استعيفيٰ کانپوءِ حافظ نعيم الرحمان جماعت اسلامي جو نئون امير بڻجڻ جو امڪان آهي. واضح رهي ته سراج الحق پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته ڪوشش ۽ محنت باوجود چونڊن ۾ گهربل ڪاميابي نه ڏياري سگهيس، چونڊن ۾ ناڪامي قبول ڪندي جماعت اسلامي جي امير طور استعيفيٰ ٿو ڏيان. جماعت اسلامي ترجمان موجب سيڪريٽري جنرل امير العظيم شوريٰ جو اجلاس 17 فيبروري تي منصوره ۾ طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ سراج الحق جي استعيفيٰ کانپوءِ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. ترجمان موجب جماعت اسلامي جي نئين امير لاءِ اعلانيل 3 نالن ۾ سراج الحق، لياقت بلوچ ۽ حافظ نعيم الرحمان شامل آهن، ميمبر انهن ٽنهي کانسواءِ به ڪو ميمبر امير جي عهدي تي چونڊڻ لاءِ پنهنجي راءِ ڏئي سگهن ٿا.

نون چونڊيل ميمبرن جي حلف لاءِ قومي اسيمبلي  سيڪريٽريٽ ۾ تياريون شروع

اسلام آباد (م ڊ)  نون چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن جي حلف لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ تياريون شروع ڪري  ڇڏيون،  تفيصل موجب چونڊن ج نتيجن جي اعلان کان پو3 حلف کڻڻ کان اڳ چونڊي نمائيندن کي ڪهڙن مرحلن مان گذرڻو پوندو، وڏي انگ ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ آزاد اميدوارن  جو ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو طريقو ڇا هوندو، خبر موجب ڪامياب اميدوار پولنگ جي  10 ڏينهن اندر چونڊ خرچن جو تفصيل جمع ڪرائڻ جا پابند آهن، اليڪشن ڪميشن چونڊ اميدوارن اعلان کان پوءِ فارم 49 تي آخري نتيجا جاري ڪري ٿو، فارم 49 کي گزيٽيڊ  فارم به چيو وڃي ٿو، جيڪو چونڊن جي حتمي ۽ سرڪاري نتيجن تي ٻڌل نوٽيفڪيشن هوندو آهي، آئين جي آرٽيڪل 242 جي شق 2 تحت عام ڇونڊن جي  14 ڏينهن اندر اليڪشن ڪميشن مڪمل نتيجا ڏيڻ جو پابند آهي، اليڪشن ڪميشن ڪامياب اميدوارن جا گزٽ نوٽيفڪيشن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ڏي اماڻيندو، اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت ڪامياب اميدوار  نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جي 3 ڏينهن اندر ڪنهن  به سياسي پارٽي ۾  شامل ٿي سگهن ٿا، اليڪشن ڪميشن کي حتمي نتيجن جو نوٽيفڪيشن 22 فيبروري تائين جاري ڪرڻو پوندو، 3 ڏينهن 23،24 ۽ 25 فيبروري تي آزاد اميدوار سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندا، آرٽيڪل 91 جي شق 2 موجب عام چونڊن جي ڏينهن کان 21 ڏينهن ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس  طلب ڪرڻ آئيني گهرج آهي، نگران وزيراعظم جي ايڊوائيزري تي صدر 21 ڏينهن کان  اڳ به ڪنهن  به وقت اجلاس گهرائي سگهي ٿو، آئين موجب قومي اجلاس سڏائڻ ۾ 21 ڏينهن کان وڌيڪ دير نٿي ڪري سگهجي، قومي  اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق قومي اسيمبلي جو اجلاس ميمبرن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن به وقت طلب ڪيو ويندو. قائدن ۽ ضابطن مطابق 29 فيبروري تي چونڊيل ميمبرن  اسيمبلي ۾ ميمبر طور حلف کڻندا، نون اسيمبلي ميمبرن  جي حلف برداري ۽ نئين پارلياماني سيشن لاءِ تياري شروع ڪيون ويون. ميمبرن کان پوءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي، نئون چونڊيل اسپيڪر قائد ايوان لاءِ شيڊول جو اعلان ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.