جي ڊي اي پاران ڌانڌلي خلاف ڌرڻي جو اعلان،اهي ٻه سيٽون به زرداري کي ڏئي ڇڏيو:پيرپاڳارو

ڪراچي(رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس چونڊ نتيجا رد ڪندي 16 فيبروري جمعي ڏينهن حيدرآباد باءِ پاس تي ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جي ڊي اي جي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته اينٽي اسٽيبلشمينٽ نه آهيون، عزت ۽ انصاف نه مليو ته پر امن احتجاج ڪرڻ حق آهي، پوري سنڌ زرداري کي ڏني وئي، اسان کي چيو ويو ته زرداري سان الائينس ڪريو ته سيٽون ملي وينديون، پر مون جي ڊي اي کي ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو  اهڙو اظهار هن ڪالهه گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي چونڊن جي حوالي سان ٿيل اجلاس کانپوءِ جي ڊي اي اڳواڻن غلام مرتضيٰ جتوئي، ڊاڪٽر صفدر عباسي، فهميده مرزا ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، پير پاڳاري چيو ته باجوا  ويندي ويندي جيڪو پينڊورا باڪس کولڻ جي ڪوشش ڪئي ته بنگلاديش جهڙا سياستدان ٺاھيو، جنهن تي ڪنهن سياستدان نه ڳالهايو،  ان وقت صدر به فوج جو ھو حڪومت فوج جي ھئي، انھي جي انڪوائري ٿيڻ گھرجي.  هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو سکر مان اليڪشن نه کٽيو ۽ بينظير به پنجاب مان اليڪشن کٽي نه سگهي، ھن اليڪشن ۾ آر اوز جو ڪم ناھي، ھي اينٽي اسٽيبلشمينٽ اليڪشن آھي. هن چيو ته مجيب الرحمان وٽ 160 ۽ ڀٽو وٽ 81 سيٽون هنيون، حڪومت ڀٽي کي ڏني وئي ان جو حال ڏٺوسين، هن چيو ته ڪنهن دوست مون کي چيو ته جي ڊي اي ختم ڪريو،  پنهنجي فنڪشنل ليگ تان وڙھو،  ٻه کان 3 ايم اين اي جون سيٽون ملي وينديون، پر مون چيو ته مون تي  دوستن اعتماد ڪيو آھي جي ڊي اي ختم نه ڪندس، مون کي زرداري سان گڏجي الائنس ڪرڻ جو به چيو ويو ۽ چيو ويو ته زرداري سان ٺاهه ڪرڻ سان اوهان کي اڳ واريون سيٽون ملي وينديون، جيڪڏهن ائين نه ڪندا ته پوءِ  ايم ڪيو ايم کي 15 پلس آھن، ۽ اوھان ھارائڻ لاءِ تيار رهو، هن چيو ته اهو فارمولو 3 مهينا اڳ طئه ٿيل هو، 2024 جي اليڪشن اينٽي اسٽيبلشمينٽ آهي، ان جا نتيجا ڪيئن هلي سگهندا، پير پاڳاري چيو ته جي ڊي اي ٻه سيٽون ڇو رکي؟ فوج کي ناراض نه ٿا ڪري سگهون، ان ڪري ٻه سيٽون ڇڏڻ جو اعلان ڪيون ٿا، هن چيو ته عوام جو گهڻو پريشر آهي ته احتجاج ڪيو وڃي، پر امن احتجاج حق آهي، قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ٿا چاهيون، اسٽيبلشمينٽ جي ناراضگي بابت سوال جي جواب ۾ پير پاڳاري چيو ته پيءُ کان پٽ ناراض ٿيندو آهي ته گهر ئي ڇڏي ويندو آهي.هن چيو ته  عمران خان نه منهنجو رشتيدار آھي نه ڪو مائٽ آھي پر نوجوانن ھمت ڪئي، انھـن کي اندازو ئي نه ھو ته عمران خان کي ووٽ ملندو. هن چيو ته باجوا ويندي ويندي جيڪو پينڊورا باڪس کولڻ جي ڪوشش ڪئي ته بنگلاديش سياستدانن ٺاھيو، ان وقت صدر به فوج جو ھو حڪومت فوج جي ھئي، انھي جي انڪوائري ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته ڀٽو ۽ بينظير نه ڪري سگهيا اهو ڪم  زرداري ڪري ڏيکاريو آهي، هاڻي اسان تي نوان ڪيس ٺھندا اسين منهن ڏين لاء تيار آھيون، هن چيو ته انشاء  الله قانون ۾ ھٿ نه کڻنداسين، ڪنهن به ايمبولنس کي نه روڪينداسين عورتن ۽ ٻارن کي نه روڪينداسين، هن چيو ته پر امن احتجاج لاءِ ٽي ڪميٽيون، ليگل ڪميٽي ،ميڊيا ڪميٽي ۽ ٻين جماعتن سان رابطا لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي، اسان   ڪيسن جا تفصيل وٺي رھيا آھيون، هن چيو ته جھانگير ترين سان رشتيداري ۽ دوستي به آھي،  مون ھن کي چيو ھو ته سياست ۾ تنهنجو مستقبل ناھي، اھي پئسا ڪاروبار تي خرچ ڪري، مجبوري ۾ سياست ۾ آيو هو، سياست ڇڏي ڏنائين ته سٺو ڪم ٿيو آهي.جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته اليڪشن جي نتيجن کي رد ڪيون ٿا، پير پاڳاري جي قيادت ۾ فيصلو ڪيو آھي ته انھي خلاف احتجاج ڪنداسين ، جمعي ڏينهن 16 فيبروي تي حيدرآباد باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويندو، ان ڌرڻي کي پير پاڳارو خطاب ڪندو، جنهن ڏينهن اسيمبلي جو اجلاس ٿيندو، لکين ماڻهو ڪراچي ۾ اچي انھي جعلي اسيمبلي  آڏو احتجاج ڪندا ۽ جعلي مينڊيٽ کڻي ايندڙن کي قسم کڻڻ نه ڏنو ويندو، جڏهن ته جي ڊي اي جا چونڊيل 2 ايم پي اي به حلف نه کڻندا، ڪوشش ھوندي ته ھي اسمبلي نه ھلي ۽ قسم به کڻي سگهن، هن چيو ته مرتضيٰ جتوئي، عرفان مروت ۽  لياقت جتوئي تي دھشتگردي جا ڪيس داخل ٿيا آھن ان جي  مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته تحريڪ انصاف سميت ٻين پارٽين سان رابطي ۾ آهيون، چونڊ نتيجن کي رد ڪري نئين سر اليڪشن ڪرائڻ تائين احتجاج جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.