اسامه قتل ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر)مقامي عدالت ۾ شادي کان هڪ ڏينهن اڳ دوستن جي هٿان ڇوڪري جي معاملي تي اسامه قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ،جوابدار عباد جي درخواست  ضمانت تي عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو .عدالت جوابدار جي درخواست ضمانت رد ڪري ڇڏيو  آهي. درخواست گذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته جوابدار جونالو ڪيس ۾ نه آهي .سرڪاري وڪيل چيو مرڪزي جوابدار طلحه سان گڏجي ڪري منصوبو ٺاهيو ،جوابدار عدالتي رمانڊ تي آهي .جوابدارن ۾ طلحه ۽ راحيل شامل آهن .واقعو 19جنوري تي پيش ٿيو هو.

هن سال حاجين کي وڌيڪ سهولتون ملنديون: انيق احمد 

 حيدر آباد  (رپورٽر)  مذهبي معاملن جي نگران وفاقي وزير انيق احمد چيو آهي ته پاڪستاني حاجي سعودي عرب ۾ پنهنجي ملڪ جو وقار وڌائن ۽ پنهنجي عمل سان  هڪ مهذب قوم هجڻ جو ثبوت  ڏين، عرفات جي ميدان ۾ ملڪ جي استحڪامن ۽ سلامتي لاءِ خاص دعائون ڪن، سومر تي حيدر آباد ۾ پهرين حج تربيتي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي هن حاجين کي چيو ته حج پاڻ کان  خدا تائين جي سفر جو نالو آهي، حج تربيتي ورڪشاپ ۾ مناسڪ  حج سان گڏوگڏ انتظامن معاملن جي تربيت جو به خاص اهتمام ڪيو ويو آهي، مڙني حاجين لاءِ تربيت حاصل ڪرڻ لازم آهي، وفاقي وزير چيو ته هن سال حاجين کي ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ۽ بهتر سهولتون ڏنيون پيون وڃن، حاجين لاءِ پيڪيج ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هڪ لک روپيا رکيا ويا آهن، حاجين لاءِ ايپ ٺاهي آهي جيڪا حاجن لاءِ  فائدي مند هوندي حاجين کي حڪومت پاران فري موبائل فون سم، هڪ بريف ڪيس ۽ عورتن کي  عبايا ڏنا ويندا، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 5 هزار 600 کان وڌيڪ درخواستون آيون، جن لاءِ پکا ڪڍيا ويا، انيق احمد چيو ته سعودي عرب  ترسڻ دوران پاڪستاني حاجي پاڪستان جو وقار وڌائن سموران حاجي پاڪستان جا سفير آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.