ڪنهن به ملڪ جي چوڻ تي چونڊن ۾ ڌانڌلين جي جاچ نه ڪنداسين: نگران وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته هو چونڊن ۾ ڌانڌلي جي ڪنهن به ملڪ جي چوڻ تي جاچ نه ڪندا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عام چونڊن بابت عالمي مبصرن جي خدشن جي حواليسان انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته يورپي يونين، برطانيا ۽ آمريڪا اسان جا دوست ملڪ آهن پر اندروني معاملن ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته انهن ملڪن سوشل ميڊيا تي آيل خبرن کي صحيح تسليم ڪيو، جڏهن ڪيپيٽل هيل تي حملو ٿيو ته ڇا اسان پڇيو هو ته جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي؟ جيڪڏهن ضرورت پئي ته هو پنهنجي قانون موجب چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي جي جاچ ڪندا. هن چيو ته پرامن چونڊون ٿيڻ تي سيڪيورٽي فورسز سميت سمورن ادارن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، چئلينجن باوجود جمهوري عمل جو تسلسل خوش آئند آهي، غير معمولي حالتن جي باوجود پرامن چونڊون وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته پاڪستان اڄ به دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان دفاعي طور تي مستحڪم ۽ ذميوار ملڪ آهي. انوار الحق ڪاڪڙ عام چونڊن جي نتيجي ۾ جاري احتجاج جي حوالي سان چيو ته پرامن احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي، پر تشدد ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. اليڪشن نتيجن جو هڪ سلسلو آهي، چونڊ نتيجن جي ڊوڙ ۾ صحيح ۽ غلط نتيجا نظر نه ايندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.