چونڊ نتيجا تبديل ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽ:  ماريا اسماعيل )سنڌهاءِڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي مختلف پارٽين جي اميدوارن پاران چونڊ نتيجن کي  چئلينج ڪرڻ واري ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي .عدالت اليڪشن ڪميشن کان اڄ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي .چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن اسان کي اڄ اچي جواب ڏئي ته ڪهڙي ڪاروائي ڪئي آهي ؟جيڪڏهن فارم ۾ 45۽ 47فارم ۾ تضادآهي ته ان جو جائزوورتو وڃي .چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن جي نمائندن کي چيو ته اوهان اسمارٽ نه ٿيو .عدالت سمورن اميدوارن کي اليڪشن ڪيمشن ۾ درخواست ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي .چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هرڪيس جو الڳ معاملو آهي ،عدالت جي اليڪشن ڪميشن جي نمائندي کي سخت هدايت تي  سڀني اميدوارن کان درخواست وصول ڪري جلدي معاملي کي اڪلايو وڃي چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته توھان ان معاملي تي غور ويچار ڪريو، ٻي صورت ۾ توھين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي، چيف جسٽس جي اليڪشن ڪميشن جي نمائندي کي هدايتون ڏنيون ته  بھتر اھو ھوندو ته ادارن کي پنھنجو ڪم ڪرڻ ڏيو،عدالت ۾ درخواستگذارجي وڪيل  بئريسٽر صلاح الدين چيو ته فارم 45 ۽ فارم 47 جي نتيجن ۾ ھيرا ڦيري ڪئي وئي آھي، فارم 45 پرزائيڊنگ آفيسرز پاران جاري ڪيا ويا آهن، جڏھن ته فارم 47 ۾ نتيجا تبديل ڪري جاري ڪيا ويا آهن، چيف جسٽس سنڌعقيل احمد عباسي چيو ته توھان لاءِ عزت آھي، سڀني اميدوارن جو الڳ الڳ مسئلو آھي، ڪنھن کي نوٽيس جاري ناھن ڪيا ويا چيف جسٽس چيو ته الله جي ڪرم سان اليڪشن پرسڪون ماحول ۾ ٿي وئي آھي، 45 ڏينھن جو ٽائيم ڏنل آھي توھان آرام سان مشورو ڪري لاڳاپيل فورم تي درخواست جمع ڪرايو، بئريسٽر صلاح الدين چيو ته لاھور ۾ اليڪشن ڪميشن ھڪ اميدوار جي درخواست تي انڪوائري جو حڪم ڏنو آھي، اليڪشن ڪميشن کي اختيار آھي ته ھو پولنگ ملتوي ڪري سگھي ٿي پر اسان اھو نٿا چاھيون، چيف جسٽس چيو ته بلڪل اليڪشن ڪميشن جا مڪمل اختيار آھن، سڄي اليڪشن ملتوي ٿي سگھي ٿي، بئربسٽر صلاح الدين چيو ته فارم 45 تي اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر تي مخالف اميدوارن جي صحيح سان جاري ڪيو ويو آھي، چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته توھان فارم 45 ۽ 47 ۾ فرق ظاھر ڪيو آھي، اليڪشن ڪميشن وٽ پنھنجا اعتراض جمع ڪرايو، چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته اڃان تائين نوٽيفڪيشن جي تاريخ ناھي آئي آهي . بئريسٽر صلاح الدين چيو ته اسان ووٽنگ جي ٻيھر ڳڻپ نٿا چاھيون، صرف چاھيون ٿا ته فارم 45 جا نتيجا عوام جي سامھون آندا وڃن، چيف جسٽس چيو ته ھر معاملي جو الڳ الڳ طريقو ھوندو آھي، معاملي کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو، عدالت اليڪشن ڪميشن جي نمائندي کي روسٽرم تي گھرائي ورتو. چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن جي نمائندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جا دروازا بند ڪندا، ماڻھن کي ڏنڊا ھڻندا ته ظاھر آھي ماڻھو ھتي ايندا، بئريسٽر صلاح الدين چيو ته اليڪشن ڪميشن ٻن ڏينھن ۾ فيصلو ڪري، فارم 47 کانپوءِ فارم 48 ۽ 49 جاري ٿيندو آھي جيڪو اليڪشن ڪميشن نوٽيفاء ڪندي آھي، وڪيل جبران ناصر چيو ته اسان جي موجودگي ۾ فارم 45 موجب ٻيھر ووٽ ڳڻيا وڃن، اسان کي ڪو به اعتراض ناھي، وڪيل جبران ناصر ٻڌڻي دوران طارق حسين جو فارم 45 پيش ڪري ڇڏيو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.