سنڌ جا اربين رپين جا معدني وسيلا ڀڳڙن مٺ ۾ وڪرو پيا ٿين: خدابخش مري

ڪراچي(رپورٽر) نگران سنڌ حڪومت جي  منرل مائنز  کاتي جي وزير خدا بخش مري  سنڌ جي معدني وسيلن جي لٽجڻ جو اعتراف ڪندي اعلان ڪيو  آهي ته سنڌ جي عوام جي معدني وسيلن جي حق لاءِ وزارت وڃڻ بعد  باقاعده آواز  اٿارينديس، هن وقت وزارت هجڻ ڪري هٿ ٻڌل آهن، پوءِ آزاد هوندس ۽ گهڻن معاملن کي عوام آڏو آڻيندس، اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، صوبائي وزير خدابخش مري وڌيڪ چيو ته سنڌ جي معدني وسيلن جي مائننگ نظام کي ڊجيٽل ڪيو ويو آهي، ان ۾ وڌيڪ سهولتون فراهم ڪنداسين، ان سان مائنز جي  لوڪيشن ڏيڻ سان خبر پوندي ته مائننگ قانوني يا غير قانوني آهي، غلط هجڻ تي شڪايت به داخل  ٿي ويندي. هن چيو ته نگران حڪومت  نظام لائونچ ڪيو آهي، هاڻي  صحافي ۽ عوام ان جي نگراني ڪن، اها ويب سائيٽ غائب نه ٿيڻ گهرجي، ان سان ڪرپشن نه ٿيندي. هن چيو ته بند ڪمرن ۾ ٽينڊر ۽ فيصلا ڪيا وڃن ٿا هاڻي ائين نه ٿيندو، وزارت وڃڻ بعد وري عوام آڏو ايندس،وڌيڪ  شيون کوليندس ته ڇا ڇا ٿي رهيو آهي، هن چيو ته منرل ۽ مائنز کاتي ۾ اڳ سهولتون نه هيون،  ان ڪري يونيورسٽين سان معاهدا ڪيا، اهي معدني وسيلا ڳولينديون، هن چيو ته سنڌ جا معدني وسيلا اربين رپين جا آهن، پر اهي ڀڳڙن جي مٺ تي ڏنا پيا وڃن، اسان رڳو ريتي جي منرل جي پويان آهيون ان کان وڌيڪ قيمتي منرلز پيا آهن انهن تي ڪير ڪڇي به نه ٿو، هن چيو ته هڪ منرل 126 رپيا في ٽن ڏنو پيو وڃي پر ان جي مارڪيٽ ۾ قيمت هڪ ٽن جي هزارين رپين ۾ آهي، خدا بخش  مري چيو ته نئين   ويب سائيٽ تي ويندا ته سڀ ڪجھ ملندو، لوڪيشن تي ويندا ته سائيٽ اچي ويندي، اها قانوني ڏنل آهي يا غيرقانوني خبر پوندي، ڪهڙي سائيٽ جي  ليز جي مدت ڪڏهن ختم ٿي ويندي ۽ ڪيترو مدو آهي ، ڪم جي مدت ختم ٿيڻ جي تاريخ به هوندي، ڪينسل ليز جي معلومات به هوندي،  اهو سڀ ڪجهه واضع نظر ايندو. هن چيو ته منرلز جو اوپن ٽينڊر ٽنن ۾ ٿيڻ گهرجي، منرل جي اوپن ٽينڊر ٽن ۾ هجڻ گهرجي، مون  ضمير موجب سنڌ جي اثاثن جي ڳالھه ڪئي آهي، ڪا به تڪراري ڳالھ نه ڪئي آهي، ڪارونجهر ۾ مندر، مسجد کي هٿ لڳائڻ بنا منرل ڪڍون ٿا، سنڌ جي معدنيات لاءِ وڙهندو رهندس، جهمپير، ۽ ٻين علائقن ۾ ويو آهيان، ڪارونجهر پهاڙ انڊيا جي بارڊر تائين آهي، ٿر ۾ جبل پري پري تائين پکڙيل آهي،هن چيو ته  انگريزن جي دور کان  معدني وسيلا لٽيا پيا وڃن، ڪيتري ڪرپشن ٿي آهي، ان جو اندازو ئي نه آهي، هاڻي ڪرپشن کي روڪڻ جو وقت اچي ويو آهي، ڪرپشن نه روڪڻ سبب  اسان ترقي نه ڪئي آهي.هن چيو ته  ڪنهن کي به هڪ لک جي چالان تي ڪروڙين رپين جا اثاثا نه ڏيڻ گهرجن، اهڙيون شيون روڪڻ لاءِ قانونسازي جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.