پشاور(م ڊ)عوامي نيشنل پارٽي عام چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي جو الزام لڳائيندي نتيجن کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي اي اين پي خيبرپختونخواهه جي صدر ايمل ولي خان چيو ته 8 فيبروري تي ٿيل چونڊون بدترين هيون، عوام کي اڳ ئي چونڊن جي نتيجن جي خبر هئي.هن چيو ته عوام کي به خبر آهي ته وزيراعظم ڪير ٿيندو، پي ٽي آءِ پارليامينٽرين جا وڏي وزير جا اميدوار به هارائي ويا.هن دعويٰ ڪئي ته رٽرننگ آفيسرن ڪروڙين رپيا گهريا، ان حوالي سان ثبوت موجود آهن.
جيڪي جلد سامهون آڻينداسين.