عمران خان سان ”اهم شخصيتن“ جي ملاقات جا افواهه

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) هارس ٽريڊنگ جي منڊي لڳي وئي، عمران خان سان جيل ۾ اسٽيبلشمينٽ اختيارين جي ملاقات؟سينئر صحافي ماريانا بابر ٽوئيٽ ڪيو ته اڊيالا جيل ۾ اسٽيبلشمينٽ جي سينئرن جي وفد پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات ڪئي آهي.
ذريعن موجب ملاقات فجر جي نماز مهل شروع ٿي، سڀني گڏجي نماز پڙهي، پنج نڪتن تي هڪ ڪلاڪ تائين ڳالهيون ڪيون ويون، جنهن ۾ مسلم ليگ نواز پاران دوستي جو پيغام به پهچايو ويو، ذريعن موجب ملاقات ۾ نفرت واري سياست جو خاتمو، ٻين پارٽين سان ڊائلاگ، معيشت لاءِ کڄندڙ قدمن ۾ ڀرپور شرڪت، سياسي ڪيس ختم ڪيا ويندا، ڏوهن ۾ ملوث ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوندووارن نڪتن تي اتفاق راءِ ٿيو آهي.
جڏهن ته ناليواري تجزئي نگار اسد علي طور پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا حمايت يافته 93 اميدوار کٽي ويا، ن ليگ کي 78 سيٽون ڏياريون ويون،پي ٽي آءِ جي ووٽن سان چونڊيل وسيم قادر ن ليگ کي پيارو ٿي ويو،پي ٽي آءِ جو ووٽ بئنڪ وڌي ويو، نواز ليگ سميت ٻين پارٽين جو ووٽ بئنڪ گهٽ ٿي ويو،جيل ۾ بند عاليه حمزا کان حمزا شهباز کي کٽرايو ويو، پي ٽي آءِ نواز ليگ کي ان جي ڳڙهه ۾ ميل ماريو آهي، چيف جسٽس جي مهرباني سان هارس ٽريڊنگ جو رستو کلي ويو آهي.
پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان نه کسي ها ته اڄ نتيجا اڃا وڌيڪ هجن ها،ڪي پي ۽ پنجاب ۾ ان حيران ڪندڙ نتيجا ڏنا،عدليه اسٽيبلشمينٽ کي لغام ڏئي ها ۽ عمران خان کي جعلي سزائون نه ملن ها ته پي ٽي آءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪري وڃي ها، راولپنڊي ڊويزن ۾ ڌانڌلي خلاف ماڻهو سراپا احتجاج آهن، انهن تي دهشتگردي جا ڪيس ٿي رهيا آهن، هڪ ته توهان انهن جو مينڊيٽ چوري ڪيو آهي مٿان احتجاج تي به ايف آرز داخل ڪيون پيون وڃن.
هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي چيف جسٽس ڪهڙي ميراث ڇڏي ويندو؟ ن ليگ ماڻهو ٽوڙي عوام جي مينڊيٽ جي توهين ڪري رهي آهي، ڇا چيف جسٽس عوامي راءِ جو احترام نه ڪندو؟اتحادي حڪومت 16 مهينن ۾ ڊليور نه ڪري سگهي ته 5 سالن ۾ ڪهڙا ڦاڙها ماريندي،بدترين حالتن ۾ پي ٽي آءِ جو ووٽ ”اداري“ خلاف پيو آهي، اسان کي ڏک ٿيندو ته توهان جي وردين تي اهو داغ لڳندو،جيڪو ڪرڻو هو سو ڪري ورتو، هاڻي بس ڪريو.
ذريعن موجب اڄ صبح اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان اسٽيبلشمينٽ جي ڪجهه سينئر ماڻهن ملاقات ڪئي،عمران خان جي خواهش ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ٻنهي ڌرين لاءِ وچ وارو رستو ڳوليو ويو، منهنجي خيال ۾ عمران خان کي ايتري مينڊيٽ تي جهڪڻ نه گهرجي.
هوڏانهن صحافي منيب فاروق چيو آهي ته هڪ خبر مارڪيٽ ۾ گردش ڪري رهي آهي ته عمران خان سان چار رڪني وفد ملاقات ڪئي آهي،هن چيو ته پ پ ۽ نواز ليگ ڪوشش ۾ آهن ته آزاد ميمبر انهن سان گڏ جڙي وڃن، ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پ پ جا وڏا وزير هجن، ايم ڪيو ايم وارا اهي ئي ڪندا جيڪو کين اسٽيبلشمينٽ چوندي، پارٽي ۾ هڪ سوچ اها آهي ته شهبازشريف کي وزيراعظم بڻايو وڃي، ن ليگ جا جيڪي اڳواڻ اليڪشن ۾ کٽيا آهن ان تي به سوال اٿي رهيا آهن.
هن چيو ته عون چوڌري جي ڪاميابي کي ڪير به نه پيو وڃي،اهو به امڪان آهي ته مريم نواز کي پنجاب جي وڏوزارت ڏني وڃي،هن سال جي آخر تائين عمران خان لاءِ ڪا گنجائش نظر اچي سگهي ٿي، منهنجي ذريعن موجب ملاقات ناهي ٿي، صحافي عمر چيما به چيو ته جيل ذريعن ان ملاقات جي ترديد ڪئي آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 12 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.