پ پ قيادت جون هڪ ئي وقت نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ سان ڳالهيون هلندڙ

لاهور(عوامي آواز نيوز) جمھوري سسٽم جو حصو نه بڻجڻ سبب عمران خان کي نقصان پھتو آھي ۽ ھاڻ به پي ٽي آءِ، پ پ توڙي مسلم ليگ(ن) سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، جڏھن ته وقت جي تقاضا اھا آھي ته عمران خان سميت پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن کي پنھنجي روين ۾ نرمي آڻڻي پوندي، جيڪي سمجھن ٿا ته جھيڙو ڪرڻو آھي ۽ وڙھڻو آھي، پر ڪنھن سان به ٺھي ناھي ويھڻو. جڏھن ته کين اھو موقف اختيار ڪرڻ گھرجي ته ڌانڌلي ٿي آھي پر اسان پوءِ به ملڪي مفادن خاطر جمھوري سسٽم جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار آھيون. سندن اھو ئي موقف کين مستقبل ۾ فائدو ڏيندو. سينئير تجزئي نگار امداد سومري چيو آھي ته موجوده پوزيشن ۾ پ پ پنھنجو سينٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر آڻي سگھي ٿي، پر آصف علي زرداري چيو آھي ته اسان بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزيراعظم بڻائينداسين،امداد سومري وڌيڪ اھو به چيو آھي ته پ پ قيادت جون ھڪ ئي وقت مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ سان ڳالھيون ھلندڙ آھن.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 12 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.