فارم 47 ۾ ”ٽيڪنيڪل گيم“ عمران پ پ سان ٺاهه ڪندو؟

لاهور(عوامي آواز نيوز) ناليواري صحافي ۽ تجزئي نگار امتياز عالم چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي ڌانڌلي جي حوالي سان ڪيتريون ئي بي بنياد ڳالهيون هلي رهيون آهن حقيقت اها آهي ته پري پول پوليٽيڪل انجنيئرنگ ۽ هڪ طرفي چونڊن جي غير شفاف سوچ کي ختم ڪرڻ لاءِ 8 فيبروري تي صاف ۽ کليل ووٽنگ جي اجازت ڏني وئي ۽ اميدوارن جي ايجنٽن کي پولنگ اسٽيشنن تي 45 دستخط ٿيل نتيجن وارا فارم پڻ ڏنا ويا.ان دوران موبائيل سروس به بند ڪئي وئي، جڏهن ته آراو جي آفيسن ۾ فارم 45 اهڙي نموني جمع ڪرايو ويو جو فارم 47 ۾ جتي به چاهيو نتيجو تبديل ڪيو ويو. فارم 45 جي اصل ڪاپي رٽرننگ آفيسر وٽ آهي جنهن کي تبديل ڪري سگهجي ٿوپر مجموعي ووٽن ۾ تبديلي ٿي سگهي ٿي، جنهن مان لڳي ٿو ته تبديل ٿيا ۽ واڌارو ٿيو،مثال طور هارائيندڙ اميدوار جا جيڪڏهن هڪ پولنگ اسٽيشن تي 4 ووٽ هئا ته ان کي 140 ڪري سگهجي ٿو ۽  کٽيندڙ جا ووٽ گهٽ ڪري سگهجن ٿا، پر ان جا هندسا تبديل ڪري، ان صورت ۾ ڪٽنگ نظر ايندي، اهو ئي سبب آهي ته نتيجن ۾ دير ڪئي وئي، هاڻي سمورا باڪسز ڪير کولرائيندو؟ ان ۾ سالن جا سال لڳندا، جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ پنجاب ۾ ڪجهه تڪن ۾ فرانزڪ آڊٽ آرڊر ڪري ته سموري ڌانڌلي فاش ٿي ويندي، پي ٽي آءِ جا آزاد ميمبر جن وٽ سمورا فارم 45 موجود آهن ميڊيا آڏو آڻين ۽ دستاويزي ثبوت فراهم ڪن، ان جي باوجود صدر مملڪت کي تحريڪ انصاف جي آزاد بلاڪ(جنهن کي ڪا قانوني شڪل ڏئي سگهجي ٿي) کي مرڪز ۾ حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏيڻ گهرجي،جن وٽ وڏو مينڊيٽ آهي ۽ اها ئي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، پر حڪومت بڻائڻ لاءِ عمران خان کي گهٽ ۾ گهٽ پيپلزپارٽي سان صلح حديبيه ڪرڻ جي گوري کائڻي پوندي، بلاول اعلان ڪيو هو ته هن جي حڪومت ۾ ڪو سياسي قيدي نه هوندو،حالتون تبديل ڪرڻ لاءِ تدبيرون به تبديل ڪرڻيون پونديون آهن.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 12 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.