متحده پاران گورنرشپ، وفاق ۽ سنڌ ۾ وزارتن جا شرط

ڪراچي ( رپورٽر) متحدہ قومي موومينٽ ( ايم ڪيو ايم) طرفان لاهور ۾ ن ليگ جي رهبر ميان نواز شريف سان ٿيل ملاقات ۾ قومي  اسيمبلي ۾ ن ليگ جي اتحادي ٿيڻ لاءِ سنڌ ۾ گورنر ايم ڪيو ايم جو مقرر ڪرڻ لاءِ موجوده گورنر ڪامران خان ٽسوري جو نالو ڏيڻ سان گڏ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي سان مڪاني ادارن، صحت، ٽرانسپورٽ سميت 7 وزارتون ڏيڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ سان گڏ وفاق ۾ پڻ 3 وزارتون وٺڻ جا شرط رکي ڇڏيا آهن، ذريعن موجب ميان نواز شريف طرفان کين پنهنجي پارٽي جي سينئر ساٿين ۽ آصف زرداري سان صلاح مشوري بعد آخري جواب ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن جي مهلت ورتي آهي. ذريعن موجب سنڌ جي گورنر شپ لاءِ نواز ليگ طرفان پنهنجو ماڻهو مقرر ڪرڻ تي صلاح مشورو شروع ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.