ڪجهه پ پ اڳواڻن پاران بلاول کي اپوزيشن ۾ ويهڻ جي صلاح

لاهور(عوامي آواز نيوز) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلاول ھائوس لاھور ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سان ملاقات ڪري ملڪي ۽ سياسي صورتحال تي ساڻن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن مطابق پ پ پنجاب جي اڳواڻن ۽ ٻين سياسي سماجي ماڻھن کيس مشورو ڏنو آھي ته  پ پ کي مسلم ليگ (ن) جو وزيراعظم قبول نه ڪرڻ گھرجي. سينئير صحافي گوھر بٽ چيو آھي ته مسلم ليگ (ن) بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ تيار آھي، جڏھن ته ٻئي طرف پي ٽي آءِ به اھو سمجھي ٿي ته اسان جي ڪنھن به  اميدوار کي ھونئن به وزيراعظم ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ان لاءِ پي ٽي آءِ به بلاول کي بطور وزير اعظم قبول ڪندي ۽ ساڻس حمايت پڻ ڪندي.گوھر بٽ مطابق بلاول جي لاٽري ٻنھي پاسن کان کلڻ واري آھي،جڏهن ته پ پ جي ڪجهه سينيئر اڳواڻن پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اپوزيشن ليڊر بڻجڻ جي تجويز ڏني آهي. پيپلز پارٽي جي ڪجهه سينيئر اڳواڻن بلاول ڀٽو زرداري کي تجويز ڏني آهي ته هو ڪمزور اتحادي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ بدران اپوزيشن ۾ ويهن. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڪمزور اتحادي حڪومت جو حصو ٿيڻ بدران اپوزيشن ۾ ويهڻ بهتر آهي. پارٽي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي تجويز ڏني ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو کي مستحڪم اتحاد ۾ وزيراعظم جو عهدو نه ملي ته اسان کي اپوزيشن جي چونڊ ڪرڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي پارٽي کي ترجيح ڏيندي عوام جي خدمت جاري رکڻ گهرجي. هڪ ٻئي اڳواڻ ايڪس تي پوسٽ ۾ چيو ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو وزيراعظم نه ٿو بڻجي سگهي ته مضبوط اپوزيشن ليڊر بڻجي وڃي. پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻن کي تجويزون پيش ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 12 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.